ٻُڪُنُ: ھڪ قسم جي ٻوٽي، جيڪا پسارڪي وکر طور ڪم ايندي آھي ۽ حڪيمن وٽ بيمارين ۾ ڪم اچي ٿي. ھريڙي جي جنس مان ھڪ قسم جو ٻوٽو، جيڪو ول وانگر پکڙجي، ٻڪن گاھہ جو ھڪ قسم آھي، جيڪو ڪلراٺي ۽ سيلابي زمين تي ٿيندو آھي. ھن جا پن ننڍا ۽ ٿلھا ٿيندا آھن. شڪل ۾ ڀنري گاھہ جو ڀاءُ چوندا اٿس. اٺ ۽ ٻڪريون ان کي چاھہ سان کائينديون آھن. ٻڪن قدرتي طور طبي خاصيتن سان پڻ مالا مال آھي. حڪيمن چواڻي ڪيترين ئي بيمارين جي علاج خاطر دوا طور ان جا پن ۽ سموري ٻوٽي استعمال ڪندا آهن. ھن ٻوٽيءَ کي جيڪڏھن چٻاڙيو وڃي تہ نڪ وهي پوندو آهي، شايد الرجي ڪري ٿي. ان مان مڇي جهڙي بوءِ ايندي آھي .
ھيءَ ٻوٽي اڪثر درياهن جي ڪنارن تي بہ ٿيندي آھي، ان جا پن ڊگها ھوندا آھن، جنھن جو سنھو حصو ڏانڊيءَ طرف ھوندو آھي. پن ٻن پاسن کان ڊگها ۽ نوڪدار ھوندا آھن. ھن جي شاخن مان ڄمونءَ رنگ جا گل نڪرندا آھن .