ٻڪي

ٻُڪِي: ان لپ، جا واري سان جنڊ ۾ پيھڻ لاءِ وجهبي آھي. شاديءَ جي تياريءَ جو ھڪ موقعو (جنھن ۾ سھاڳڻيون جنڊ ۾ واري واري سان ان جي ٻڪي وجهي پيھنديون آھن). شاديءَ کان اڳ گهوٽيتن ۾ ”ٻڪي وجهڻ“ جي رسم ٿئي، جيڪا شاديءَ کان ايڪيھہ، پندرھن، ست، پنج يا ٽي ڏينھن اڳ ٿئي .
عموماً شاديءَ کان پندرھن ڏينھن اڳ اھا رسم ادا ڪئي ويندي آھي، ڪن ھنڌن تي شاديءَ کان مھينو يا ٻہ مھينا اڳ ۾ ٻڪي وجهن، پر جيئن تہ ٻُڪيءَ کان پوءِ گهوٽيتن ۾ روز رات جو خوشيءَ جي مجلس ٿئي، جنھن ۾ زالون ڳيچ ڳائين ۽ ڪجهہ نہ ڪجهہ خرچ پکو بہ ڪن، تنھنڪري گهوٽيتا پھچ سارو ٻڪيءَ ۽ شاديءَ جي تاريخ ۾ وٿي وجهندا آھن: يعني شاديءَ جي تاريخ سا گڏ ٻڪيءَ جي تاريخ بہ نروار ڪري ڇڏيندا آھن. ٻڪي ڏينھن جي ٽئين پھر يا سج لٿي مھل وجهن. ان ڏينھن تي گهوٽيتا پنھنجن عزيزن کان سواءِ ڳوٺ يا راڄ جون زالون بہ سڏ ڏئي گهرائين. ٻڪي وجهڻ جو ساٺ ھن ريت ڪندا آھن:
گهوٽيتن جون ست سھاڳڻيون ”اکريءَ يا ننگهہ“ جي چؤڦير راڳو ڏئي، ان تي داءَ جا ست ليڪا ڪڍن، ان بعد اکري يا ”ننگهہ“ ۾ پنج پاٽيون ڪورن چانورن جون ۽ ست ٻِٽا جوڙا (يعني 14) کارڪون وجهي، چٽيل مھرين سان چانور ڇڙين ۽ انھن مان کارڪون چونڊين، يا وري گهوٽ جي گهر جي جنڊ ۾ ست سھاڳڻيون، چانورن جون ست ٻڪيون وجهي، جنڊ کي چار سبتا ۽ ٽي ابتا ڦيرا ڏئي اٿن، ٻڪيءَ جي رسم ھلندي گهوٽيتن کي رنگ بہ ھڻن .


لفظ ٻڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو