
ٻگهه

چور ڀائي

ڪُڪي

ڪڪڙاٽ
ٻگهہ، (عام ٻگهہ) Cattle Egret / Bubulcus ibis: هن ٻگهہ جا نر مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. ننڍي ۽ مضبوط ڳچيءَ، مضبوط هيڊي ۽ ڊگهي چهنب اٿس. عام طور تي ميداني ڍنڍن، تلائن ۽ دُٻن تي ننڍا جيت ۽ جانور ڳوليندو وتندو آهي يا اڪثر مال، ڍڳين ۽ مينهن جي ڌڻن سان يا انهن تي سوار نظر ايندو آهي. ٻگهہ انهن جانورن تان مکيون يا انهن جي هلڻ سان زمين تي ڀينڊن ۽ مٽيءَ مان پريشان ٿي نڪتل جيت چونڊي پيو کائيندو آهي .
ٻگهہ ڪٿي پاڻيءَ وٽ گڏجي ڪنهن وڻ تي آرام ڪندا آهن، انهن جو آکيرو وڻ تي تانگهي پيالي جهڙو ڪاٺڙين ۽ تيلين جو ٺهيل هوندو آهي. هي پکي سڄي دنيا جي گرم خطن ۾ (صحرائي علائقن کانسواءِ) ٿئي ٿو. ميدانن ۽ ننڍن جبلن يا ٽڪرين ۾ جتي بہ پاڻيءَ ۾ مڇي يا ٻي آبي مخلوق ۽ جيت جڻا هجن، اتي بہ موجود ھوندو آھي. هونئن، پاڻيءَ تائين محدود نہ آهي، کيڙيل زمينن ۾ بہ جيت ڳوليندو رهي ٿو. مقامي پکي آهي، لڏ پلاڻ نٿو ڪري. لڳ جي مند ۾ پَـرن جو رنگ بدلجي هلڪو هيڊو ٿي ويندو اٿس. ٻگهہ جا ڪجهہ قسم هيٺ ڏجن ٿا:
چور ڀائي Great Bittern / Botaurus stellaris /:70 کان 80 سينٽي ميٽر جسامت وارو هي پکي ٻگهہ جو قسم آهي پر ان جون عادتون مختلف آهن. ان جا نر مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. ’چور ڀائي‘ جو رنگ هلڪو بادامي ٿئي ٿو، جنهن تي سونهري ناسي دڙڳ هوندا آهن. مٿو ۽ ڪياڙي ڪاري اٿس، ڳچي اڇڙي، ڇاتيءَ تي بہ گهرا ناسي دڙڳ هوندا اٿس. ٽنگون هيڊيون ۽ چهنب بہ ڊگهي ۽ پيلي اٿس، جيڪا خطري مھل مٿي ڪري بيهندو آهي. عام طور تي گپراٺن ٻوٽن ۾ يا ڍنڍن اندر بيٺل گاھہ ۾ لڪل هوندو آهي. اڪثر اڏامڻ مھل ڏسبو آهي. هي يوريشيائي پکي آهي ۽ اپکنڊ ۾ سياري جو مهمان آهي .
سدائين خاموش هوندو آهي، ان جي ٻولي تمام ٿورن ماڻهن ٻڌي هوندي. چون ٿا تہ ان جو آواز ڪجهه ايئن آهي، جيئن ڪنهن بوتل جي منهن تي ڦوڪ ڏيڻ سان خاص آواز ٿيندو آهي. هن پکيءَ جو نالو ان جي خاموشي ۽ لڪل رهڻ جي عادت سان پوريءَ طرح ٺهڪي ٿو .
ڪُڪيPond Heron (Paddybird) / Ardeola grayii /:45 سينٽي ميٽر جسامت واري هن پکيءَ جا نرمادي هڪجهڙا ٿين ٿا. سياري ۾ پٺي ميٽوڙي ناسي، مٿي ۽ ڳچيءَ تي اخروٽي لينگها، پيٽ ۽ پڇ اڇو ٿئيس ٿو. لڳ جي مند ۾ مٿو ۽ ڳچي ھلڪي هيڊي ٿي ويندي اٿس ؛ پٺيءَ جو رنگ پڇ تائين ڪٿئي ۽ کنڀ ڊگها ٿي ويندا اٿس .
هن پکيءَ جي چهنب بہ ٻين ٻگهن وانگر مضبوط ۽ ڊگهي ٿيندي آهي. اکيون هيڊيون ۽ ماڻڪي ڪاري ٿيندي اٿس. هي تمام عام ٻگهہ آهي، هر تلاءُ تي ڏسبو آهي. ۽ ميري گدلي حالت ۾ ڪُٻ ڪڍيو بيٺو هوندو آهي .
ھي ٻگهه طبيعت ۾ ڊڄڻو نہ آهي، صبر سان خاموش ويهي مڇيءَ يا ڏيڏر جو انتظار پيو ڪندو آهي. اڪثر اڪيلو هوندو آهي، پر آرام مھل ٻين سان گڏجي ويهندو آهي. 1700 ميٽرن جي اوچائي تائين ملي سگهي ٿو .
ڪُڪڙاٽ، ٽنڊوBlack-Crowned Night-Heron /Nycticorax nycticorax:60 کان 65 سينٽي ميٽر (26 انچ) قدبت واري هن ٻگهہ ڪٽنب جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا ۽ لڳ ڀڳ سڄي ڏاکڻي دنيا ۾ ٿئي ٿو. ان جي پٺي گهري سرمائي نيري ۽ هيٺيون حصو اڇو ٿئي ٿو. ڪنڌ وٽ ٻن کنڀن جي سنهي چوٽي اٿس. اکيون ڳاڙهيون، چهنب مضبوط ۽ ڊگهي ۽ قد ننڍو ٿئيس .
ڪُڪڙاٽ رات جي وقت ۾ ڌٻڻين ۽ ڇَر تي شڪار ڪندو آهي ۽ سڄو ڏينهن روشنيءَ جي وقت ۾ پاڻ جهڙن ٻين پکين سان آرام ڪندو آهي. اهو پکي مڇيون، ڏيڏر، جيت ۽ ڪڏهن پکين جا چوزا بہ کائيندو آهي. ان جو آواز گهري چيخ جهڙو ٿيندو آهي .
ان جو آکيرو وڻ يا ٻوڙن تي ڪاٺڙين جي ٿلهي جهڙو ٿئي ٿو. ننڍي ڪُڪڙاٽ جا کنڀ ناسي ٿين ٿا. اڏامڻ مھل وڏي ڪانءَ جهڙو ”ڪان......ڪان“ آواز ڪندو آهي. ڪُڪڙاٽ جي پَرن جي پکيڙ 105-110 س.م، وزن 550 کان 700 گرام ٿئي ٿي. مڇي، ڏيڏر ۽ جيت کائي ٿو. مادي ٽن کان پنج هلڪا نيرا آنا ڏئي ٿي .