ٻھڊمي: ضلعي ۽ تعلقي بدين جي ڏاکڻي حد رِڻ ۽ ايل. بي. او. ڊي ويجهو هڪ وڏي مٽيءَ جي دڙي تي هڪ آڳاٽو ۽ ننڍڙو شھر ٻھڊمي موجود آهي. هي شھر ساڱراھہ درياءَ جي ڪپ تي وڏي وڻج واپار جو مرڪز هو. هتي سنڌي هندن جو وڏو ڪاروباري راڄ هو. روايت موجب شھر جو نالو هڪ هندو عورت جي نالي پٺيان ’ٻھڊمي‘ پيو آهي. شھر جي اولھہ طرف، لاکو پير، ولاسو، روپاھہ ماڙي، ڪنڊو، ڀڳڙا ميمڻ ۽ ڪرهيو ڀانڊاري آهن. ’ڪنڊو‘ نالي ڳوٺ مولانا حاجي احمد ملاح جي جنم ڀومي آهي. ڏکڻ طرف، شيخاڻي گهاڙي، بڙ وارو ڍورو ۽ مارڏ ملير- ڪنڊڙي آهن. اڀرندي طرف علي بندر، سينگاري ۽ بوهڙڪي ٻيلو جڏهن تہ اُتر طرف ڪڍڻ ۽ لنواري جا شھر واقع آهن. آڳاٽي زماني ۾ ساحلي پٽيءَ تي لنگر انداز ٿيندڙ غورابن جي اچ وڃ سبب هتي سُٺو وڻج واپار ٿيندو هو. سامونڊي ويرن ۽ زلزلن سبب ڪيترائي شھر جھڙوڪ: روپاھہ ماڙي، علي بندر ۽ راحمڪي بازار وغيرہ ويران ٿي ويا. ٻھڊمي ۽ آسپاس رهندڙ ذاتين ۾: بوهڙ، چانڊيا، سبيرا، لُنڊ، منڌرا، ٽالپور، نوتيار، ملاح، پنھوار، بروهي، جمالي، سيد، سماءَ گهراڻا وغيرہ شامل آهن.