ٻِه درياھي: تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جي مختيارڪار جي آفيس ڪوٽڙي الھرکئي شاھہ ۾ آھي. اتان ڳوٺ اڏيرو لال ڏيڍ ڪوھ کن پنڌ تي آھي. سيٺ منگهن مل ھن ڳوٺ ۾ اڏيري لال صاحب جو مندر جوڙايو، جنھن تان ڳوٺ جو نالو ئي ”اڏيرو لال“ پئجي ويو، ھتي چيٽي چنڊ جو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آھي، انھيءَ ڳوٺ وٽان درياھہ ڦٽي ٻہ شاخون ٿئي ٿو. ساڄي طرف واري درياھہ کي ”اوچتو“ ۽ کاٻي طرف واري درياھہ کي ”حيدري“ چوندا آھن ۽ ٻنھي کي گڏي ”ٻہ درياھي“ ڪوٺيندا آھن. ھاڻوڪي ٽڪنڊياري ڊيلٽا جو مٿ بہ انھيءَ ٻہ درياھيءَ وٽان شروع ٿئي ٿو. اڳي پير پٺو ۽ ننگر ٺٽو بہ ڊيلٽا جي اندر ھوندا ھئا پر پوءِ گهاري واري کاري ۽ بگهاڙ واھہ، جيڪي اصل ۾ درياھہ جا ڦاٽ ھئا، سي لٽجي ويا تہ ننگر ٺٽو ڊيلٽا کان ٻاھر ٿي ويو. اوچتو درياھہ ھتان ھٽي ڪيٽي بندر ڏانھن وڃي ٿو. اڏيري لال کان ڪيٽي بندر، درياھہ جي رستي چاليھہ ڪوھہ ۽ سڌي رستي سان پنجويھہ ڪوھ مفاصلو آھي. ھن درياھہ کي ’اوچتو‘ انڪري بہ چوندا آھن جو درياھہ اتان اوچتو ڦاٽ ڪيو ھو. ھيءُ درياھہ جو نئون ڦاٽ آھي پر اھو بہ آڳاٽو آھي. ھن درياھہ کي ڪيٽي بندر جي ويجهو ”ٽيٽياھہ“ چوندا آھن، جنھن ھنڌ درياھہ وڃي عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو، تنھن کان ٿورو اور ڀرو درياھہ جو ٻيو بہ ھڪ ڦاٽ آھي، جنھن کي ”حجامڙو“ چوندا آھن. ٽيٽياھہ ۽ حجامڙو، ”ڳاڙھي“ جي ڳوٺ وٽان ڦٽن ٿا. ڳاڙھي کي ”رچل“ بہ چوندا آھن ۽ ڳاڙھي کان پري ٽيٽياھہ کي ”جوئو“ سڏيندا آھن .
” حيدري“ ڦاٽ ڪيٽي بندر ۽ شاھ بندر، ٻنھي جي وچان وھي ٿو. حيدريءَ کان اٺ ڪوھہ پري درياھہ کي ٻيو بہ ھڪ ڦاٽ آھي، جيڪو سڏبو ئي ”ڦاٽ“ آھي، اتي ”ڦاٽ“ نالي سان ڳوٺ بہ آھي. انھيءَ ڳوٺ جي آمھون سامھون ڳوٺ ”کارو ڇاڻ“ آھي، جتي ٽپال گهر، اسڪول، پوليس ٿاڻو ۽ تپيدار جي چائڙي: (ديرو) بہ آھي. حيدري درياھہ جي پڇڙيءَ مان ”ميرواھہ“ ۽ ”قلندري“ ڦاٽ نڪرن ٿا، جيڪي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ڳوٺ کاري ڇاڻ کان ميرواھہ ڦاٽ بہ ڪوھہ کن پري آھي ۽ ان کان ميل سوا پري درياھہ کي ”واھڻ“ چوندا آھن. ائين چپي چپي تي درياھہ جا ٻيا نالا رکيل آھن. ميرواھہ ۽ واھڻ جي وچ ۾ ”سوکي“ نالي ڳوٺ آھي، جنھن ۾ اسڪول، تپيدار جي چائڙي (ديرو) وغيرہ آھن. ھتي واپار جو چلتو چڱو آھي ۽ سارين جو واپار گهڻو ٿئي ٿو. ڳوٺ ”کارو ڇاڻ“ ۽ ڳوٺ ”سوکيءَ“ ۾، چانورن ڏرڻ ۽ ڇڙڻ جون انجڻيون بہ آھن. ڳوٺ ”سوکيءَ“ وٽان ”واھڻ“ مان درياھہ جي ھڪ شاخ ٿئي ٿي، تنھن کي ”سنھڙي“ چوندا آھن ”سوکيءَ“ کان ست ڪوھہ اوري، حيدري درياھہ مان ”مل“ درياھہ وھندو ھو پر ھاڻي اھو ڦٽي ويو آھي. ميرواھہ، واھڻ ۽ سنھڙي، ٽيئي ”واسو“ کاريءَ مان لنگهي عربي سمنڊ ۾ وڃيو پون. ھي ٻيو درياھہ بہ ”ڦاٽ“ مان لنگهي ڪيٽي بندر ڏانھن وڃي ٿو، تنھنڪري ڪيٽي بندر ٻن دريائن جي وچ ۾ آھي. ڪجهہ وقت کان وٺي ڪراچيءَ مان کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر طرف لاريون وڃن ٿيون، انھيءَ ڪري آمد و رفت جي گهڻي سھوليت ٿي پئي آھي .