ٻہ کنڊي جاگرافي (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ماستر هريسنگهہ جو لکيل آهي، جنهن ۾ ٻن کنڊن جي جاگرافي ڏنل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 48 صفحا آهن ۽ قيمت ٽي آنا ڄاڻايل آهي. سڌومل جشنمل، اسلاميہ پريس، لاهور مان 1894ع ۾ ڇپايو .