ٻہ ڪتاب

ٻہ ڪتاب (ڪتاب ):سنڌ جي نامور تعليمدان ۽ اديب مرحوم محمد اسماعيل عرساڻيءَ جا ٻہ ڪتاب: (1) بدنصيب ٿري ۽ (2) سنڌي سٻاجهڙا، هڪ جلد ۾ محترمہ عزيزه شاھہ ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ سهيڙي، سال 1998ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. خوبصورت پڪي جلد جي پني ۽ 175 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ”ٻہ ڪتاب“، شاھہ عبداللطيف ڪلچرل، سوسائٽيءَ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ اُن جي قيمت 200 رپيا رکي وئي آهي. هن ڪتاب جو انتساب، سنڌ جي استادن، شاگردن ۽ نوجوانن ڏانهن، ان اميد سان ڪيو ويو آهي تہ اُهي تدريسي، تعليمي ۽ ادبي مطالعي سان سنڌي معاشري جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن کي ذهن ۾ رکي، ايڪويهين صديءَ جي تعليمي، علمي ۽ معاشرتي تقاضائن کي سمجهي، حالتن کي منهن ڏيڻ جي احساس، فڪر ۽ جذبي سان پنھنجي فرض جي پورائيءَ ۽ ترقيءَ جي رستي تي هر نموني ۽ هر لحاظ کان صحيح راھہ اختيار ڪندا. ”ٻہ ڪتاب“ ۾ شامل پهريون ڪتاب ”بدنصيب ٿري“، بالغن جي تعليم، خاص ڪري ٿر جي مسڪين ماروئڙن جي تعليم واري خيال کان ڊرامي جي صورت ۾ لکيو ويو هو؛ ۽ ٻيو ڪتاب ”سنڌي سٻاجهڙا“، سنڌ جي تھذيب جي پسمنظر ۾ لکيل آهي .


لفظ ٻہ ڪتابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو