ٽئڪسي
ٽئڪسي (Taxi ):مسافر بردار ڪار يا اها سواري، جيڪا مسافرن کي مقرر ڀاڙي تي منزل تي پهچائي. گهڻو ڪري هن قسم جي سواريءَ ۾ ڪار استعمال ٿيندي آهي. سنڌ ۾ ٽئڪسي جو استعمال ڪراچيءَ کان شروع ٿيو ۽ پوءِ سنڌ جي مختلف وڏن شهرن ۾ ان جو رواج پيو. اڳي ٽئڪسي واري ڪار جي رنگ جو ڪجهه حصو ڦڪو ۽ ڪارو مقرر هوندو هو ۽ ان ۾ هڪ ميٽر به لڳل هوندو هو، جيڪو ميلن يا ڪلوميٽرن جي حساب سان جو ڀاڙو ٻڌائيندو هو. توڙي جو ڪراچيءَ ۾ ان قسم جو ٽئڪسيون اڃا آهن، پر سنڌ جي باقي حصن ۾ ٽئڪسين تي رنگ جي پابندي ڪانه آهي. منزل تائين تڪڙو پهچڻ لاءِ هي اهم سواري آهي. نواز شريف جي دورِ حڪومت ۾ ’ييلو ڪيب‘ نالي ڪارون پيلي رنگ ۾ ان مقصد لاءِ ماڻهن کي قرض تي ڏنيون ويون هيون ته جيئن غريب ماڻهو سولائي سان روزگار ڪري سگهن. اها اسڪيم اڳتي هلي بند ٿي وئي، جڏهن ته ماڻهو اڄڪلهه ذاتي طور نيون ڪارون خريد ڪري ٽئڪسي طور هلائي منافعو حاصل ڪن ٿا. حيدرآباد شهر ۾ مني ٽئڪسي طور ’فور سيٽر‘ اڄ به هلن ٿا. جنهن جو نمونو رڪشا وانگر پر سيٽون آمهون سامهون پاسن ۾ ٿين. هر سيٽ تي چار چار ماڻهو ۽ هڪ ماڻهو اڳيان ڊرائيور سان ويهي ٿو. اها حيدرآباد جي سستي سواري ليکي وڃي ٿي، جڏهن ته عام ٽئڪسي ۾ ڊرائيور سميت ڪل پنج ماڻهو آرام سان سواري ڪري سگهن ٿا.