ٽئگور

ٽئگور

ٽئگور

ٽئگور (ڪتاب ):سنڌ ۽ هند جي نامياري ليکڪ اُتم جو هي ڪتاب، ٽئگور جي شخصيت بابت لکيل آهي، جنهن ۾ ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو اڀياس ٿيل آهي. هُن ڪتاب ۾ ڪُل پنج باب آهن، جن جو وچور هن ريت آهي: (1) ٽئگور ۽ سنڌي ساهت، (2) وطن دوست ٽئگور، (3) انسانيت جو اديب ٽئگور، (4) ٽئگور جو مذاق ۽ طنز، (5) ٽئگور جا ويچار. اُتم، ٽئگور بابت بهتر طريقي سان لکيو آهي، هن ڪتاب بابت اُتم پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو تہ: سنڌيءِ ۾ ٽئگور جي ٻهڳڻي ڪلا جو نہ پورو ڦهلاءُ ٿيو آهي ۽ نہ قدر ٿيو آهي. ٽئگور تي هڪ نظر وجهڻ سان هڪ وسيع روپ جو درشن ٿيو آهي. اهڙا وسيع روپ دنيا جي ساهت ۾ ورلي ملندا. هن ننڍي ڪتاب ۾ اهڙي وسيع روپ جو درشن ڪرائڻ آهي، ساگر کي ڪوزي ۾ سمائڻ. ان ڪري ئي رڳو ٽئگور جو سنڌي ساهت تي اثر ۽ هنجي ساهت ۽ ويچارن جو مختصر جائزو ورتو اٿم.
هي ڪتاب رام ڄيٺانند، نئين دنيا پبلشرس ممبئي پاران سيپٽمبر 1961ع ۾ شايع ڪيو. ڪچي جلد سان، 106 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو 50 پيسا آهن.


لفظ ٽئگورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو