ٽائون

ٽائون (Town ):هي انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”وڏو ڳوٺ“ يا وڏي آباديءَ وارو ننڍو شھر آهي. 10 هزار ماڻهن جي آبادي رکندڙ هر شھر ۾ سرڪار طرفان، ڳوٺاڻي ترقياتي ۽ بلدياتي معاملن واري وزارت هيٺ ٽائون ڪاميٽيءَ مقرر ڪئي ويندي آهي. ٽائون ۾ زندگي جي عام واهپي جون سڀ شيون مُيسر هونديون آهن. جن ۾ تعليم، صحت، بچاءَ لاءِ اسپتالون، اسڪول، پوليس ٿاڻا، واٽر سپلاءِ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون شامل آهن. سنڌ ۾ ٽائون ڪاميٽيءَ وارن شهرن ۾ ٽنڊو ڄام، مٽياري، سجاول، گولاڙ جي، سيوهڻ، محراب پور، وارھہ، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۽ ٻيا شھر اچي وڃن ٿا.


لفظ ٽائونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو