ٽائيم ٽيبل: هي انگريزي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ ٿي ’وقت جي جدول‘، جنهن جو مفهوم آهي ”روزاني ڪم جي ورڇ جو نقشو.“ زندگيءَ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ پنھنجي روزاني ڪم، ماهوار ڪم، سالياني ڪم، پنج سالي ڪم، ڏھہ سالي ڪم جي ورڇ کي آڏو رکجي. ترقي يافتہ قومن وقت جي ڪلاڪن، منٽن، بلڪہ گهڙين کي بہ عملي زندگيءَ ۾ سجايو ڪيو آهي. ڪم جي اهڙي ورڇ مان خبر پوي ٿي تہ جنهن ڪم جي لاءِ ٻن سالن جو عرصو رکيو هو. سو ڪهڙي ڏاڪي تي پهتو آهي. عام زندگيءَ ۾ تعليمي ادارن، سرڪاري منصوبن، ترقياتي ڪمن لاءِ وقت مقرر ڪيو ويندو آهي. جيڪو سندن منزل ۽ مقصد تائين پهچڻ ۾ مدد ڪندو آهي.