ٽائٽنڪ فلم: ٽائٽانڪ واري حادثي تي هڪ فلم بہ تيار ڪئي وئي، جيڪا ٻين فلمن کان گوءِ کڻي وئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ فلم ٺاهيندڙن ”فاڪس فلم انٽرٽينمينٽ“ وارن وڏو خرچ ڪيو آهي. ٻہ سؤ ملين ڊالر فلم جي شوٽنگ تي خرچ ٿيو ۽ اهڙا ڏيڍ سؤ ملين ڊالر مارڪيٽنگ تي خرچ آيو. ماڻهن کي حيرت ۾ وجهندڙ هِن فلم جا نظارا آهن، جيڪي ڪمپيوٽر ذريعي پيدا ڪيا ويا آهن. هن فلم جي شوٽنگ جو بندوبست فاڪس فلم ڪمپنيءَ وارن ميڪسيڪو جي شھر روزاريتو ۾ سورهن ايڪٽر ڪامپليڪس تي ڪيو ويو. هن فلم جو ڊائريڪٽر (James Camron) هڪ قابل ۽ هوشيار فلم ٺاهيندڙ آهي. جيڪو ان کان اڳ ۾ بہ مشھور فلمون ٺاهي چڪو آهي. ٽائٽانڪ فلم ائڪشن ۽ رومانس جو ڳانڍاپو آهي، جنهن ۾ ليونارڊرو ڊي ڪئپريو (Jack Dowson) ۽ ڪيٽ ونسليٽ (Rose Bwkater) اعليٰ فن جو مظاهرو ڪيو آهي.