ٽارو ڪپڻ: شاديءَ جي هڪ رسم جو نالو. اها رسم ٿر جي هندن ۾ رائج آهي. ڄڃ جي روانگيءَ کان ٿورو پهرين، گهوٽ کي گهر کان ٻاهر آڻي، اُتر طرف منهن ڪري ويهاري، ڪنڊيءَ يا ٻي ڪنهن وڻ جي ٽاري گهوٽ کي اڳيان زمين تي کوڙبي آهي. ٽاري ڪپڻ کان پهرين گهوٽ ان کي پنھنجي هٿن سان پاڻي ڏيندو آهي. پوءِ گهوٽ، پاڻ سان کنيل خنجر يا چاقوءَ سان اُها ٽاري هڪڙي ئي ڌڪ سان ڪپي، پنھنجي مٿان پوئتي اُڇلائيندو آهي. هن رسم بابت مختلف روايتون آهن. ٽنڊي الهيار، سانگهڙ، عمرڪوٽ ضلعن ۾ اها رسم ٿوري مختلف نموني سان ڪئي ويندي آهي.