ٽاريءَ جو شڪار: هيءُ شڪار جو هڪ قسم آهي، جيڪو سرءُ جي موسم ۾ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ٻيريون گل ۽ ڪچڙا ٻير ڪنديون آهن. ٻٻر بہ هن موسم ۾ ڦٽي سائو ٿيندو آهي ۽ گل بہ ڪندو آهي. ڦاڙها ٻير جي ٽاري ۽ ٻٻر جي گلن کائڻ جا شوقين هوندا آهن. شڪاري اهو وجهہ جاچي، اتي کڏڻو يا مڏ ٺاهي بندوق کڻي ويهندا آهن ۽ وڻن جون ٽاريون ڪپي کڏڻن جي ڀرسان رکندا آهن. پهرين ڦاڙها انهن ٽارين کي چري، هِري ويندا آهن ۽ جڏهن وري ٻيو دفعو موٽي ايندا آهن تہ شڪار ٿي ويندا آهن.