ٽالمي

ٽالمي

ٽالمي

ٽالمي (وفات 283 ق.م ):ٽالمي مقدونيه جي هڪ معزز خاندان جو فرد هو. پنھنجي فوجي پيشي وسيلي بيمثال ڪاميابيون حاصل ڪيون. سڪندراعظم جي جرنيل طور ڪم ڪندي هن هندستان جهڙي ڏورانهين ملڪ تائين سفر ڪيو. هن کي فوجي قابليت ڪري ڪيترن انعامن اڪرامن ۽ ٻلن سان نوازيو ويو. هُن ايران مان شادي ڪئي ۽ 323 ق.م ۾ مصر جو بادشاھ ٿيو. هن پاڻ کي مصر ۾ نہ صرف هڪ قابل سفارتڪار ۽ منتظم طور پر هڪ بھادر سپاهيءَ طور بہ مڃرايو. هڪ عظيم الشان يوناني ثقافتي مرڪز ٺهرايائين. هڪ اهڙي گهراڻي جو بنياد رکيائين، جنهن اٽڪل ٽن سؤ سالن تائين مصر تي حڪومت ڪئي.
سڪندر جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس جرنيلن پاڻ ۾ گڏجاڻي ڪري هن جي شهنشاهي پاڻ ۾ ورهائي کنئي تڏهن ٽالميءَ کي مصر ۾ اقتدار مليو. نالي ۾ تہ اها سڪندر جي شهنشاهي برقرار رهي ۽ جرنيل هر ٽڪري تي منتظمن طور حڪومت ڪندا رهيا پر حقيقت ۾ ائين نہ هو. انهن مان گهڻن منڍ کان ئي خودمختياري حاصل ڪرڻ جي جدوجھد ڪئي ۽ سڪندراعظم کان پوءِ ڪيترائي خود مختيار حاڪم ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
ٽالمي اقتدار جي اهڙين جنگين دوران، خبرداري سان پنھنجي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ۽ پنهنجو سڄو ڌيان مصر تي قبضي ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ ۽ مضبوط بڻائڻ تي لڳائي ڇڏيو پر انهيءَ هوندي بہ جڏهن کيس يقين ٿي ويندو هو تہ فلاڻو نئون علائقو حاصل ڪرڻ سان سندس اقتدار کي هٿي ملندي تہ ائين ڪرڻ ۾ دير نہ ڪندو هو. مختلف زمانن ۾ هن صرف مصر پر قبرص، اڄوڪي لبيا ۽ سعودي عرب جي ڪجهہ حصن، شام ۽ فلسطين اوڀرندي ايشيا مائينر ۽ ڪجهہ يوناني شهرن تي حڪومت ڪئي. رهوڊس جي شهرين کيس ساتر (بچائيندڙ) جو خطاب ڏنو، ڇو تہ هن سڪندر جي جرنيل اينٽي گونس خلاف سندن جدوجھد ۾ انهن جي مدد ڪئي هئي.
ٽالمي مصر تي پنھنجي قبضي کي سياسي معاهدن ۽ شادين وسيلي مضبوط رکيو. هن 321 ق. م ۾ يورپ جي مقدوني حاڪم جي ڌيءَ يوريدائس سان شادي ڪئي. هُن ٻي شادي 317 ق. م ۾ بيرينائس سان ڪئي، جيڪا ڪساندر جي پوٽي هئي. ڪساندر آخرڪار مقدونيه ۽ مصر جو بادشاھه ٿيو.
ٽالمي پنھنجي سڄي دؤر حڪومت ۾ فوج جو مکيہ دارومدار يوناني سپاهين تي رکيو. هُن کين مصر ۾ زمينون ۽ ٻيون مراعاتون ڏئي پنهنجو وفادار بڻايو؛ ٻين يونانين کي بہ مصر ۾ آباد ٿيڻ لاءِ همٿايائين ۽ انهن مان ڪيترن کي ملڪ جي انتظامي عهدن تي مقرر ڪيائين. ٽالمي سڪندريه جي شھر کي، نئين گاديءَ جو هنڌ بنايو، جنهن شھر جو بنياد سڪندر 323 ق.م ۾ وڌو هو، اُتي هڪ عجائب گهر ۽ لائبريري ٺهرائي، جنهنڪري ڪيترا مشھور يوناني فيلسوف، دانشور، ليکڪ ۽ فنڪار اُتي آيا ۽ هي شھر سائنس ۽ واپار جو مرڪز بڻجي پيو. هن شھر جي لائيٽ هائوس (روشني گهر) کي قديم دنيا جي عجائبات مان هڪ ڪري ليکيو ويو. مصرين وٽ اقتدار نہ رهيو هو ۽ هنن کي يونانين کي پنھنجي زمينن تي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻو پيو، ان هوندي بہ هنن پنھنجي زبان، ريتون رسمون ۽ مذهب برقرار رکيا. سندس عبادتگاهن کي بحال ڪيو ويو، جن کي اڳين حملي آورن برباد ڪري ڇڏيو هو، مصري ديوتائن کي نذرانا ڏئي، سندن قديمي مذهبي مهندارن جي همت افزائي ڪري مصرين جو دليون فتح ڪيون ويون. ٽالمي مصر جي اڳوڻي گاديءَ واري هنڌ ميمفس ۾ هڪ نئين مذهبي فرقي جو بنياد وڌو، جيڪو گڏيل يوناني ۽ مصري ديوتا ساراپس جي عبادت تي ٻڌل هو. ٽالميءَ جي وفات پڄاڻان مصرين کيس ديوتا جو درجو ڏنو. ٽالميءَ کان پوءِ سندس وارثن جي هڪ ڊگهي قطار آهي جن مصر تي حڪومت ڪئي، انهن سڀني جو لقب بہ ٽالمي هو، جن مان آخري حڪمران قلوپطره هئي.
پنھنجي ڊگهي دور حڪومت ۾ ٽالمين يوناني ثقافت کي نہ صرف محفوظ رکيو، پر ان کي سگهارو ڪيو ۽ پکيڙيو. ان کان بہ اهم ڳالھہ اِها آهي تہ هنن سڪندريه ۾ هڪ اهڙو علمي مرڪز قائم ڪيو، جنهن قديم دنيا تي نہ صرف پنهنجا اثر وڌا، پر پنھنجي علم سان بہ روشن رکيو ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو مرڪز دانشورن ۽ فيلسوفن لاءِ ڪشش جو باعث بڻيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو