ٽالي 2

ٽالي (Tali): هي ماڳ 270 08' 32" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 41' 31" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي، اڇڙي ٿر، تعلقي ميرواھہ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ موجود آهي. هي ماڳ موجود ڳوٺ ٽاليءَ کان500 ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. هن ماڳ جي ڏکڻ ۾ بڪريءَ واري سم ۽ اوڀر ۾ تل سم اٿس. هي ماڳ ٽالي ڳوٺ جي ڀر ۾ هئڻ ڪري ٽالي ڪري سڏجي ٿو. وڏي ايراضيءَ تي ٺڪراٺو پکڙيل آهي. ڪن هنڌن تي چلھہ جا نشان ڇار سان گڏ مليا آهن. لڳي ٿو تہ اهو اتي اڪيلو ئي گهر هو، جو نشان اهڙا ملن ٿا. ماڳ جي اوڀر ۾ ڪن جانورن جا هڏا بہ مليا آهن.
ان مان لڳي ٿو تہ هتي رهندڙ ماڻهو جانورن جو شڪار ڪندا هئا. هتان ٿانوَن جي ڪيترن ئي نمونن جا ٺڪر ملن ٿا، جن ۾ چن جي پٿر جو وٽ، ٺڪر جا مجسما ۽ ننڍڙا سڪا وغيرہ ملن ٿا. ٺڪر تي ڪيترن ئي نمونن جا گل چٽ چٽيل آهن. ڪنهن ٺڪر تي ٺپيل ۽ اڀريل چٽ بہ
ملن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو