
پڪي قلعي ۾ ميرن جي چوياري جو اڳوڻو ڏيک

ٽالپر حڪمرانن جا هٿيار

ٽالپرن جا فوجي
ٽالپر: بلوچن جو هڪ قبيلو . هن قبيلي تي ” ٽالپر “ لقب بجار بن بيزن جي وقت کان پيو ، جيڪو 1000 ھہ/ 1592ع ۾ مڪران کان لڏي ، ڀاڳناڙيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ ، سنڌ جي سِري يعني ديري غازي خان جي ڳوٺ ” چوٽي بالا “ ۾ اچي رهيو . روايت مطابق ڄاڻايل ڳوٺ ۾ هڪ ٽالهيءَ جو وڻ هو ، جنهن هيٺان بجار خان ۽ سندس قبيلي وارا ڪچهري ڪندا هئا . ائين ان ڪچهريءَ ۾ ويهڻ وارن جو نالو ” ٽالهي پور “ يعني ” ٽالهيءَ جا پٽ “ مشھور ٿي ويو ، جيڪو بعد ۾ ٽالهي پور مان ڦري ” ٽالپر “ بنجي ويو . ان کان پوءِ زنگي بن بجار کي هڪ پُٽ بہ ان ٽالهيءَ جي وڻ هيٺان ڄائو ، جنهن جو نالو ئي ” ٽالهو “ رکيائون . اهو ” ٽالهو “ ، ڪِڪي خان جي پيءُ ، شاهوءَ خان وڏي جو چاچو هو . هڪ ٻيءَ روايت موجب ” ٽالپر “ بلوچن جي انهيءَ قبيلي جي هڪ بزرگ جو نالو هو . ” پور “ فارسيءَ ۾ اولاد کي چوندا آهن ، جنهن کي ٽالهو لفظ سان ملائي ” ٽالپر “ لفظ ٺاهيو ويو . سنڌ جا مير ٽالپر پاڻ کي بلوچ سڏائين ٿا ، پر پنهنجو تعلق انهن بلوچن سان نہ ٿا ڳنڍين ، جن کي ايران ۾ ” ڪوچ بلوچ “ ڪري سڏيو وڃي ٿو . هو پنهنجو بڻ بڻياد هشام بن عبدالمناف جي پٽ امير حمزي سان ڳنڍين ٿا . سندن چوڻ آهي تہ حجاج بن يوسف جي وقت ۾ هو ، ڪيچ مڪران وارين مهمن ۾ شامل هئا . اتان ڪاميابين بعد سندن وڏا ڪِن فوجين سان گڏ سنڌ ڏانهن روانا ٿيا هئا . وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان ڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان واري پاسي وڃي ويٺا ، جتي جبل جي چوٽيءَ وارو پاسو سندن رهائشگاھہ ٿيو . سندن لقب ” مير “ پيو ، جنهن جي معنيٰ جبل جي چوٽي “ يا ” مٿاهون هنڌ “ ٻڌايو وڃي ٿو . ان دعويٰ جي تصديق اڪثر جبلن جي نالن مان ظاهر ٿئي ٿي ؛ مثال طور: ڪشمير ، پامير ، ميرو پربت وغيرہ . ڪلهوڙن جي حڪومت واري دور ۾ ، ٽالپر قبيلي جا ڪجهہ ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿيا تہ ” شھداد خان ٽالپر “ کي سپھہ سالار بڻايو ويو . بعد ۾ سنڌ جي تخت لاءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ جنگيون لڳيون ، ۽ 1783ع ڌاري هالاڻيءَ جي ميدان تي ، ٽالپرن ، ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي ، سنڌ جو تخت حاصل ڪيو . ان وقت ٽالپرن جو اڳواڻ مير فتح علي خان ٽالپر هو ، تنهنڪري سنڌ جو پهريون ٽالپر حڪمران پڻ مير فتح علي خان ٿيو . سنڌ جي فتح کان پوءِ ٽالپرن سنڌ جي ملڪ کي ٽن رياستن ۾ هن ريت تقسيم ڪيو: حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ خيرپور ، پر ٽنهي رياستن جو پاڻ ۾ ٺاھہ نہ هو . حيدرآباد ۾ مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائر ، مير غلام علي خان ، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان حڪومت ڪرڻ لڳا ؛ خيرپور ۾ مير سهراب خان حڪمران ٿيو ، جڏهن تہ ميرپورخاص ۾ مير ٺارو خان مسند نشين ٿيو . ان وقت ٽالپر حڪمران ( حيدرآباد ۽ خيرپور وارا ) هر سال افغانستان جي حاڪم تيمور شاھہ کي ڏن ڏيندا هئا . بعد ۾ ميرن 1795ع ڌاري ڪراچيءَ واري رياست ، قلات جي خان کان ورتي . ان بعد شھر ۽ بندرگاھہ روز بروز ترقي ڪندا ويا .
ٽالپرن جي ٽنهي رياستن جو پاڻ ۾ ڪو اتحاد ۽ انتظامي جوڙجڪ نہ هجڻ ڪري ، سنڌ پنھنجي خطي ۾ هڪ طاقت طور اُڀري نہ سگهي . پهرين افغان جنگ 1838ع کان وٺي 1842ع تائين حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن جا انگريزن سان لاڳاپا خراب ٿي چڪا هئا . البته خيرپور جي حڪومت انگريزن جي حامي هئي . اهڙيءَ طرح انگريزن ، ميرن جي پاڻ ۾ ٻڌي نہ ڏسي ، 17 فيبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان تي ، حيدرآباد جي ٽالپرن کي شڪست ڏئي ، سنڌ تي قبضو ڪيو . حيدرآباد تي قبضي کانپوءِ چارلس نيپئر حيدرآباد جي قلعي مان ڦرمار ڪري ، ٽالپر اڳواڻن کي گرفتار ڪري ، بمبئي موڪلي ڇڏيو . مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ 24 مارچ 1843ع تي ميرپورخاص جي حڪمران مير شير محمد ۽ انگريزن ۾ دٻي واري جنگ لڳي . هن جنگ ۾ مير صوبدار خان جي بھادر جرنيل شھيد هوش محمد شيديءَ جي بهادريءَ ، کيس سنڌ جو سپوت بڻائي ڇڏيو . مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان اختلافن جي ڪري مياڻي جي جنگ ۾ شامل نہ ٿيا هئا ، پر هوشو شيدي ، مير صوبدار جي منع ڪرڻ باوجود بہ وطن جي آزاديءَ جي سلامتي خاطر مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهي شھيد ٿيو . خيرپور رياست جي مير علي مراد ، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن خلاف انگريزن جي مدد ڪئي ، ان ڪري 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ بہ خيرپور رياست ، ميرن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي ، بعد ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ 1954ع ۾ ون يونٽ جي قائم ٿيڻ سان خيرپور رياست کي ختم ڪيو ويو .
تحريڪ پاڪستان ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ بہ ٽالپر خاندان سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو . حيدرآباد مان مير علي احمد ٽالپر ۽ مير رسول بخش ٽالپر ، ميرپورخاص مان مير علي بخش ٽالپر ، مير منور علي ٽالپر ۽ محمد يوسف خان ٽالپر ؛ ٽنڊي محمد خان مان ، مير خان ٽالپر'>بندہ علي خان ٽالپر ، مير ﷲ بخش ٽالپر ، مير حسين بخش خان ٽالپر ، مير غلام علي ٽالپر ، مير اعجاز علي ٽالپر ۽ مير ممتاز علي ٽالپر ، پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو .
ٽالپرن جا اٺ قبيلا آهن ، جن ۾ ڀرڳڙي ، باگراڻي ، کورکاڻي ، ڪپري ، نظاماڻي ، شهداداڻي ، شھواڻي ۽ ٺاراڻي شامل آهن .
ٽالپرن جي لڏپلاڻ: ٽالپرن جي مورث اعليٰ هوت پٽ جلال خان جي مڪران ۾ حڪومت هئي ، جيڪا سندس ٽن پيڙهين تائين قائم رهي . اتان سندس اولاد پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف جڳهين تي ڪيئن آباد ٿيو ، ان لاءِ ڪجهہ روايتون ملن ٿيون .
هوت خان جو پڙپوٽو مير اسماعيل خان ، ملتان جي گورنر سلطان شاھہ حسين لانگاھہ جو گهاٽو دوست هو ، جنهن کيس پاڻ وٽ دعوت ڏئي گهرايو ۽ هو مَلڪ سهراب خان دودائيءَ سان گڏجي ملتان ۾ آيو . سلطان شاھہ حسين ، ٻنهي کي پنھنجي سرحد ۾ دين ڪوٽ کان ڪوٽ ڪروڙ تائين سڄو علائقو سرداريءَ ۾ ڏنو . ديري اسماعيل خان جو بنياد مير اسماعيل خان 1488ع ۾ رکيو . مير اسماعيل خان جي اولاد مان هڪ شاخ ساهيوال ضلعي ۾ اچي رهي ۽ اتي پنھنجي رياست قائم ڪيائين . جڏهن شهنشاھہ همايون ، ايران کان موٽيو هو ، تڏهن ساڻس ٻين ٻروچن سان گڏ ٽالپر بہ هئا ، جن ديره جات جي ڪجهہ علائقي تي قبضو ڄمايو هو . شهنشاھہ همايون ، ٽالپرن کي سنڌ ساگر دوآبي ۾ هڪ جاگير ڏني هئي . سندن تختگاھہ ماڙي انڊس هو . ٽالپر ، مزارين ۽ مگسين طرفان چانڊين سان وڙهيا هئا ، تنهنڪري ڪجهہ مزارچا علائقي ۾ بہ لڏي آيا هئا . ٽالپر ” ڪوھہ سياھہ “ واري علائقي بيبرڪ ۾ رهندا هئا . اهو علائقو ديري غازي خان ۽ ڪڇيءَ جي وچ ۾ هو . جنهن ۾ نوتاڻي ، مزاري ، جکراڻي ، گهاڻي ۽ شنباڻي قبيلا بہ هئا . هنن کي بگٽي بلوچن جي ڪجهہ قبيلن اتان ڪڍيو ۽ هو سنڌ ۾ آيا . مير اسماعيل خان جو پوٽو بجار بن بيزن 1000 ھہ/ 1592ع ۾ لڏي اچي ڀاڳناڙيءَ ۾ ويٺو ، جيڪا قلات جي حدن ۾ آهي . ڪجهہ وقت کان پوءِ هو ديري غازي خان ۾ آيو ۽ ” چوٽي بالا “ جو شھر ٻڌي ويٺو . مير سليمان عرف ڪڪي خان جي رهائش بہ چوٽي بالا ۾ هئي ، جتي سندس پٽن ۽ پوٽن جي نالي تي واھہ ، قلعا ۽ انهن جا ديرا موجود آهن . مير ڪڪي خان جو سھرو ، حاجي خان مري پنھنجي راڄ سميت مري علائقي ڪاهان مان نڪري ، سنڌ جي علائقي ڪاڇي ۾ اچي ويٺو هو ، جنهن جي صلاح تي سندس ڏوهٽو مير ماڻڪ خان ۽ ٻيا ٽالپر ، چوٽي بالا مان نڪري اتي آيا ۽ ” ڊرگهہ بالا “ جو شھر ٻڌي ويٺا . سال 1700ع ۾ ميان مير محمد ڪلهوڙي ، مير آلودي خان کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ميان يارمحمد خان کان کيس فوج ۾ رتبو ڏياريائين . ان زماني ۾ مير شھداد خان ديره جات جي درداين جي بغاوت بند ڪئي هئي ، جنهن جي صِلي ۾ دهليءَ جي درٻار مان کيس ” پٽ باران “ جو علائقو جاگير ۾ مليو هو . مير شھداد خان پنھنجي فوجي اهليت سبب ، ٻروچن جي مختلف گروهن کي ملائي پنهنجو ڪيو ۽ مقامي بغاوتن بند ڪرڻ سبب سندس بهادري مشھور ٿي وئي هئي . تنهنڪري ڪلهوڙن ڪوشش وٺي کيس پنهنجو بنائي ، پنھنجي لشڪر جو سپھہ سالار مقرر ڪيو . مير شھداد خان ۽ سندس اولاد ڪلهوڙن سان وفاداريءَ جو دم ڀريندا رهيا ، پر ڪلهوڙن جي آخري حڪمرانن جي مير شھداد خان جي اولاد سان اڻبڻت ٿي پئي ، جنهن جي نتيجي ۾ ٽالپرن ڪلهوڙن سان جنگيون ڪري سنڌ تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي .
هاڻوڪي سڪونت ۾ خيرپور ۽ ڪوٽڏيجيءَ ۾ مير علي مراد خان جو اولاد ، ڪوٽ ميرمحمد خان ۾ مير غلام حيدر خان جو اولاد ، دارا واهڻ ۾ ، مير احمد خان ولد مير غلام حيدرخان جو اولاد ، محرابپور ۾ ، مير حاجي غلام مصطفيٰ خان جو اولاد ، منگهن واريءَ ۾ ، مير رستم خان جو اولاد ، غريب آباد ۾ ، مير رستم خان جو اولاد ، رضا آباد ۾ ، مير غلام محمد خان ولد مير رستم خان جو اولاد ، علي آباد ۾ ، مير مبارڪ خان جو اولاد ، راهوجا ۾ ، مير چاڪر خان جو اولاد ، سوڀي ديري ۾ ، مير ڄام نندي خان جو اولاد ، ٽالپر وڏا ۽ ننڍا ۾ ٽالپرن جي نهالاڻي قبيلي جا ڪجهہ گهر ۽ اڳڙا ۾ ٽالپرن جي باگراڻي قبيلي جو هڪ گهر شامل آهن .
ٽالپرن جا پاڙا: سنڌ ۾ ٽالپرن جا هيٺيان ايڪيھہ پاڙا آهن: شهداداڻي ، ماڻڪاڻي ، سهراباڻي ، خاناڻي ، بهاراڻي ، مراداڻي ، گهراماڻي ، عيساڻي ، درياخاناڻي ، هليلاڻي ، جيوناڻي ، جئنداڻي ، احمداڻي ، شھواڻي ، ياراڻي ، مقصوداڻي ، آلوداڻي ، ٺاراڻي ، شاهلياڻي ، حاجواڻي ۽ سکلاڻي . انهن پاڙن مان شهداداڻين ، ماڻڪاڻين ۽ سهراباڻين جي حڪومت حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ هئي .