ٽالپر شيخ: سُگهڙ ٽالپر شيخ ولد ڦوٽو خان شيخ، 1935ع ڌاري ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، اڳتي هلي نئين ديري لڳ ڳوٺ ڦلپوٽن ۾ اچي آباد ٿيو. لاڙڪاڻي شگر مل ۾ چوڪيدار هو، پر شگر مل جي بند ٿيڻ سبب بيروزگار ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين محنت مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آهي. هن سگهڙائپ جي فن جي سکيا استاد غلام قادر ڀٽي کان ورتي، ڏٺ پرولي، ڳجهارت، ڏور، پهاڪو ۽ سينگار سندس پسنديدہ صنفون آهن. هيءُ نصابي تعليم کان محروم رهيو، پر پنھنجي ۽ ٻين سگهڙن جو فن کيس بر زبان ياد آهي. ٽالپر شيخ پي. ٽي. وي جي سگهڙائپ وارن پروگرامن ۾ بہ شرڪت ڪري چڪو آهي. هيءُ ڍولڪ وڄائيندو آهي ۽ ڪافي فنڪارن سان ڍولڪ تي سنگت ڪري چڪو آهي.