ٽالپر مير سهراب خان

ٽالپر، مير سهراب خان: مير سهراب خان ولد مير چاڪر خان خيرپور جي حڪومت جو باني هو. هي مير فتح علي خان جي والد، مير صوبدار خان جو سڳو سؤٽ هو. سندس جنم سن 1156هه بمطابق 1745ع ۾ ٿيو. سندس چاچي مير بهرام خان جي شهادت وقت هي 33 سالن جو جوان هو. ان کان پوءِ ٽالپرن جا ڪلهوڙن ۽ ٻين ذاتين سان جيڪي به مقابلا ٿيا، تن سڀني ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي شجاعت جا جوهر ڏيکاريائين. هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو آيو. ان جنگ ۾ مير سهراب خان اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جو فاتح بڻيو. مگر مير فتح علي خان جي ماتحتيءَ ۾ رهڻ بدران پنهنجا راڄ وٺي خيرپور ۾ الڳ حڪومت قائم ڪيائين. انهيءَ ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پئي، ايتري قدر جو ڪافي وقت تائين هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا. نيٺ ٽالپرن ۽ ٻين اميرن وچ ۾ پئي ٻنهي جو صلح ڪرايو ۽ مير فتح علي خان سن 1793ع ۾ خيرپور جي خودمختيار حڪومت کي تسليم ڪيو. ان کانپوءِ مير سهراب خان ۽ حيدرآباد جا مير هڪ ٻئي سان هميشه ساٿ ڏيندا رهيا.
هنن ئي ڏينهن ۾ افغانستان جو بادشاهه شجاع الملڪ ٻه دفعا يعني 1803ع ۽ 1814ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو، پر ٻئي دفعا خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن گڏجي سندس مقابلو ڪيو. سن 1817ع ۾ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه جي ڪاهه جو افواهه ٻڌي ٻنهي حڪومتن جا لشڪر شڪارپور پهچي ويا، پر انگريزن جي معرفت صلح صفائي ٿي وئي. ان کان سواءِ بهاولپور جي نواب کان سبزل ڪوٽ وارو پرڳڻو ۽ جوڌپور جي راجا کان عمر ڪوٽ جو قلعو به گڏجي ورتائون. مير سهراب خان درياهه پار ڪري پٺاڻن جا موغليءَ وارا علائقا هٿ ڪيا. ان کان سواءِ بڙدڪيءَ جو پرڳڻو، روپاهه، چڪ، مزارچا، محمدا باغ، شاهه ٻيلي، بکر، سهڪجي ۽ ڪلواڙي تي به قبضو ڪيائين. مير صاحب 27 سال شان ۽ شوڪت سان حڪومت هلائي. 1811ع ۾ گوشه نشين ٿي پنهنجي پڳ پنهنجي وڏي پٽ مير رستم خان جي حوالي ڪيائين.
مير سهراب خان کي ٽي گهر واريون هيون. هڪڙيءَ مان مير رستم خان ۽ مير غلام حيدر خان، ٻيءَ مان مير مبارڪ خان ۽ مير چاڪر خان ۽ٽينءَ مان ننڍي ۾ ننڍو مير علي مراد خان ٿيو. پنهنجي وفات کان ٻه سال اڳ تاريخذوالقعد 1244 هجري بمطابق 1829ع تي هڪ وصيت نامو لکي، پنهنجي اپت ٽنهي گهر وارين جي اولاد لاءِ هڪ جيتري مقرر ڪيائين ۽ مير رستم خان کي پڳ جي ڪري وڌيڪ حصو ڏنائين. مير صاحب وڏو داناءُ ۽ دورانديش، ڪرڙو ۽ ڊگھي نظر وارو حاڪم هو. جڏهن حيدرآبادي ميرن شجاع الملڪ سان معاهدو ڪيو، تڏهن سندن عقل تي افسوس ڪندي چوندو هو: ”بادشاهي ڪم هلائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهي مير پنهنجو وعدو پورو ڪري نه سگھندا ۽ اجايو پاڻ کي بدنام ڪري، بيوفائيءَ جو عذاب سهندا رهندا.“ هن کي افغانستان جي بادشاهه وٽان ”شاهه ناظر سنڌ“ جو لقب مليل هو. هو جيستائين جيئرو رهيو، تيستائين انگريزن جھڙي طاقت کي خيرپور جي حڪومت ۾ دست اندازي ڪرڻ نه ڏنائين؛ حالانڪه حيدرآبادي ميرن انگريزن سان ٻه ٽي معاهدا به ڪيا هئا. هڪ دفعي بارش پئي پئي ۽ مير صاحب پنهنجي محلات جي دريءَ مان گھوڙن جي ڪڙهه ڏانهن ڏسي رهيو هو، ته اوچتو سندس پير ترڪي ويو ۽ اتي ئي ڪري پيو ۽ دم ڏنائين. سندس وفات جو سال 1246 هه بمطابق 1830ع آهي.


لفظ ٽالپر مير سهراب خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1745.00.00  عيسوي

مير سهراب خان سن 1156هه بمطابق 1745ع ۾ پيدا ٿيو


1830.00.00  عيسوي

مير سهراب خان 1246 هه بمطابق 1830ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڳالچند مڪواڻو
شاهه فيصل
سريچند ميوارام
خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
دلو راءِ
عالم شاهه بخاري
ولي محمد تراب صوفي
جمعو مُلون
سونو مل کنگهاراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون