ٽالپر مير شير محمد خان

ٽالپر، مير شير محمد خان: 1806ع ڌاري مير ٺاري خان جي پٽ مير علي مراد خان، ميرپورخاص جو شھر ٻڌايو هو. ٽيهارو سالن کان پوءِ 1836ع ۾ مير علي مراد خان وفات ڪئي. کانئس پوءِ، ميرپور خاص جي گاديءَ تي مير شير محمد، مير شير محمد خان ماڻڪاڻي تخت نشين ٿيو. مير شير محمد خان جو جنم، 17 مئي 1810ع ۾ ميرپور خاص ۾ ٿيو. سندن تعليم لاءِ هالا جي قاضي خاندان مان، ان وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل سندن اتاليق مقرر ڪيا ويا. مير صاحب کي پنھنجي مادري زبان بلوچي ۽ سرائڪيءَ ۽ سنڌيءَ کان سواءِ، فارسي ۽ عربيءَ جي پڻ تعليم ملي. مير صاحب انهن زبانن ۾ ماهر هو. مير صاحب جو رنگ گورو، قد پورو پنو، چهرو ويڪرو هو. طبيعت شوخ، ڳالهائڻ ٿورو ۽ حشمت وارو هوندو هو. 1836ع ۾ ميرپور خاص ۾ سندس تخت نشيني ٿي، جنهن بعد سمورا سنڌ جا پير ۽ سجادہ نشين مير ۽ امير ۽ بلوچ سردار، سندس والد جي فاتح خوانيءَ تي آيا هئا. جن کيس پڳ ٻڌائي. اها رسم نهايت شاهاڻي نموني ۾ ملهائي ويئي.
مير صاحبن، سنڌ کي لاڳيتن ۽ گڏيل ٽڪرن ۾ ورهايو هو، بلڪہ مختلف علائقا ڪري ورهايا هئائون. مثلاً:
1. ٿر جو علائقو، حيدرآباد سرڪار وٽ هو.
2. سانگهڙ، کپرو ۽ مورو، ويندي نصرپور تعلقي تائين، ماڻڪاڻي سرڪار وٽ هو.
مير صاحب وٽ زرخيز ۽ آباد علائقو فقط لاڙ جو هو. ليڪن مير صاحب، ساڱرو واھہ کڻايو، جو اڳتي هلي ٽالپرن ۾ جهڳڙي جو سبب بڻيو. ان سبب ڪري، ميرپور خاص وارو ملڪ گلزار ۽ سبزہ زار بنجي پيو. ماڻهو ڏاڍا سکيا ۽ ستابا هئا. مير صاحب جي دور ۾ ڪڏهن بہ ڏڪار نہ پيو. ملڪ ۾ چوريون ۽ ڦرون ڄڻ تہ هيون ئي ڪين. علم جي عام نہ هو تہ ماڻهو صفا ڄٽ بہ نہ هئا. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ درس ۽ مڪتب جام هئا، جن ۾ هزارين شاگرد دين جو علم حاصل ڪندا هئا. انهن کي مير صاحب وٽان ساليانو لوازما ملندا هئا. ان دور جي نصاب جي اپٽار انگريز سياح برٽن ڪئي آهي، سنڌ جو مشھور عالم باعمل، فقيه ۽ صوفي، مخدوم فقير عبدالرحيم گرهوڙي، جيڪو مير ٺاري خان جو استاد هو، ان جو مدرسو ان دؤر ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. سندن مدرسي ۾ هزارين طالبِ علم پڙهندا هئا. جن جو خرچ گهڻو ڪري مير صاحب ڏيندو هو. ان کان سواءِ ميرپور خاص ۽ لاڙ ۾ پڻ وڏا مدرسا هئا، مثلاً گرهوڙ، چوٽياريون، بدين وغيره، جن ۾ فارغ التحصيل شاگردن کي باقاعدہ سنَدون ملنديون هيون. اهي شاگرد فراغت کان پوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويندا هئا ۽ ديني مدرسا قائم ڪندا هئا. ملڪ ۾ سرڪار جي اها حالت هوندي هئي جو جڏهن مندائتا مينهن وسندا هئا، تڏهن درياھہ سنڌ تي مکڻ جون ٻيڙيون ڀرجي وڪامنديون هيون. ڪنهن بہ اناج جي جنس جي قيمت مڻ وڌ ۾ وڌ ٻہ روپيا هئي. ان دور جي اناج ۽ جنسن جي اگهه- پاڙ جي اگهوتري، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”ميرن جي صاحبيءَ“ ۾ بيان ڪئي آهي.
ٽالپرن جو مکيہ لشڪر، بلوچ قوم مان هو، جنهن جي سردارن کي لشڪر جي سنڀال ۽ کاڌ خوراڪ جي معاوضي ۾ جاگيرون مليل هيون. لشڪر ٻن قسمن جو هو، هڪ باقاعدہ ۽ ٻيو سرداري لشڪر. باقاعدہ فوج کي هڪ جرمن نسل جو مسٽر سئمسن تعليم ڏيندو هو. تربيت جي لحاظ سان، مير صاحب جو توبخانو، سنڌ جي باقي سمورن حڪمرانن جي توبخانن کان بهتر هو. باقاعدہ لشڪر جي سوار کي خوراڪ سميت ٽيھہ روپيا ماهوار ملندا هئا. هي اهو سُڪار جو زمانو هو، جنهن ۾ اناج جو مڻ ٻن روپين ۾ ملندو هو ۽ هڪ لوڻ جي ٻوريءَ جي قيمت فقط ٻہ پايون هئي ۽ جوئر جي مڻ جي قيمت فقط چوڏهن آنا هئي! بيقاعده فوج ۾ جن کي هٿيار نہ هوندا هئا، انهن کي هٿيار ملندا هئا. انعام، خلعتون ۽ روزينا انهن کان علاوہ مقرر هوندا هئا.
سنڌ ۾ ان وقت سمورن ٽالپر حڪمرانن ۾ مکيہ حڪمران مير نصير خان، مير رستم خان، مير صوبدار خان ۽ مير، مير محمد خان ليکبا هئا. انگريز جيڪو مڪاريءَ ۽ سوديبازي ۽ باهمي اختلاف پيدا ڪرڻ واري سازش سان سڄي ايشيا کي پنھنجي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي رهيو هو، اهي سڀ هٿيار نهايت زور ۽ شور سان هت بہ ڪم آڻي رهيو هو. ٽالپرن کي ڌارين سان ويڙهائڻ ۽ ٽالپرن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ، اهي سندس مکيہ طريقا هئا، جن جي بدولت آخرڪار انگريز سنڌ ۾ ڪامياب ٿيو.
مير شير محمد خان يا ميرپور سرڪار جي ٻئي ڪنهن بہ حڪمران ڪڏهن بہ افغان سرڪار يا انگريزن کي ڍل نہ ڀري هئي. نڪو ساڻن محڪوميءَ ۽ غلاميءَ جو ڪو عھد نامو ئي ڪيو هو. ان ڪري انگريز هميشہ ڏمريا رهيا تہ ”مير شير محمد“ ائين ڪرڻ ڇو ٿو گهري. ان خار وچان انگريزن مير شير محمد خلاف حيدرآباد جي ميرن کي ڀڙڪائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. نفاق وجهڻ جي سلسلي ۾ ائين مشھور ڪيائون تہ مير شير محمد خان پاڻ، حيدرآباد سرڪار جو محڪوم آهي. ان ڪري جيڪي بہ عهدناما اسان حيدرآباد سرڪار سان ڪيا آهن، سي خودبخود ميرپور سرڪار سان بہ لاڳو ٿين ٿا. جڏهن ميرپور سرڪار ان پوزيشن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن لاچار ٿي ميرپور خاص سان ڌار هڪ انڌومنڊو عهدنامو ڪيائون، جنهن ۾ مير صاحب جي خودمختياريءَ واري حيثيت کي تسليم ڪيائون. پر اندر ۾ فساد ۽ نفاق جي باھہ کي ڀڙڪائيندا آيا ۽ ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ سازشون سٽيندا آيا. مير صاحب هڪ مدبر ۽ سياستدان هو. مير صاحب جي نگاھہ، سڀڪجهہ سمجهي ورتو تہ هي سڀڪجهہ مڪاريءَ ۽ چالاڪيءَ جي تحت ڪيو ويو آهي. ان انگريزي سازش کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ حيدرآباد سرڪار کي صلاح ڏني تہ هو پاڻ ۾ ملي انگريزن کي گڏجي تڙي ڪڍن.
اها هڪ حقيقت آهي تہ سنڌ ملڪ هن کنڊ جي نهايت زرخيز حصن مان هڪ هو ۽ ان طرح سنڌ ملڪ افغانستان ۽ ايران جي شاهراهن جو گذرگاھہ پڻ هو. انگريزن جون حريص نگاهون اهو سڀ ڪجهہ ڏسي چڪيون هيون تہ کين ڪيئن ۽ ڪٿان ڪاهڻ گهرجي. هونئن بہ انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ ٽالپرن سان جنگ ڪئي ۽ لاچار عوام پنھنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ لاءِ آزاديءَ جي جنگ جو جهنڊو بلند ڪيو. ان سلسلي ۾ اول مياڻيءَ جي ميدان تي، 18 فيبروري 1943ع تي پنج هزار بلوچن ۽ سنڌين گڏجي پنھنجي آزاديءَ تان جان فدا ڪندي، شهادت جو درجو حاصل ڪيو. ساڳي ئي وقت سر چارلس نيپيئر مير شير محمد ڏانهن خط لکيو تہ ”اوهان سان اسان جو ڪو بہ جهيڙو نہ آهي.“ مياڻيءَ جي لڙائي جو ٻڌي مير صاحب پنهنجن ڏهن هزار بلوچي سنڌي لشڪر ۽ توبخاني سميت ٽنڊي الهيار تائين وڌي آيو، پر اتي پهچندي مياڻيءَ جي جنگ جي شڪست جو ٻڌائين ۽ جنگي صلاحڪارن جي صلاح تي جنگي مصلحتن کي اڳيان رکندي في الحال واپس وريو. ميجر آئوٽرام پنھنجي ڪتاب ”ڪمينٽري آن دي ڪنڪسيٽ آف سنڌ“ ۾ نيپيئر جا چڱا ڇوڏا لاٿا آهن تہ ڪيئن نہ نيپيئر مڪاري ڪري مياڻيءَ ۾ مير صاحب سان وڙهيو ۽ مير صوبدار خان کي بيگناھہ قيد ڪيو ۽ ٽالپرن جي حرمن ۾ ڦُر لٽ ڪئي. نيپيئر مير صاحب کي لکيو تہ تون لشڪر کي ڇڙو ڇڙ ڪر ۽ پيش پئو. پر پيش پوڻ مان تہ ظاهر هو تہ سندس اهڙو حال ٿئي ها جهڙو ميرصوبدار خان جو ٿيو. مير صاحب هڪ آزاد حڪمران هو. کيس هر ڪو حق حاصل هو تہ هو پنھنجي بچاءُ لاءِ لشڪر گڏ ڪري، ان طرح ساڳئي وقت تي حيدرآباد جي ٽالپرن طرفان، ”هوش محمد شيديتلوار کڻي، مير صاحب وٽ آيو تہ تون انگريزن جي سامهون ٿي. اهڙيءَ حالت ۾ مير صاحب انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو.
نيپيئر پنھنجي ناپاڪ ارادن سان عمدي لشڪر ۽ توبخاني سميت، حيدرآباد جي ويجهو ناريجن جي ڳوٺ ۾ مير شير محمد جي سامهون ٿيو. مير شير محمد سان انهيءَ وقت جي بزرگن جي چوڻ موجب اٽڪل 15 هزار کن فوج هئي. ٽن ڪلاڪن جي خونريز ويڙھہ کان پوءِ جڏهن نيپيئر پنھنجي شڪست کي اکين سان پئي ڏٺو، تڏهن هن پنهنجن جهونن نمڪخور غدارن جي آڙ ورتي. ان سازش ۾ مير صاحب جي بارود کي باھہ لڳائي ويئي. ان حالت ۾ بلوچ فقط تلوارون ۽ نيزا کڻي انگريزن جي سامهون ٿيا.
اها لڙائي 24 مارچ 1843ع تي لڙي ويئي. جنهن کانپوءِ سنڌ جي بلوچن شير سنڌ جي سرڪردگيءَ ۾ هڪ قسم جي عام گوريلا جنگ چالو ڪري ڏني، جا ڪافي وقت تائين هلندي رهي. دَٻي جي جنگ ۾ مير غلام علي خان ٽالپر، مير علي خان ٽالپر، هوش محمد شيدي، رئيس گهنور خان مري، پنج هزار بلوچ سپاھہ سان گڏ شهادت جو جام نوش ڪيو. ان وچ ۾ جهڏي جي ٽالپرن، شير سنڌ جي حڪم سان جهرڪن وٽ، آغا خان جو جھاز ڦريو. مير صاحب جي مقبوليت جو اهو حال رهيو جو عام ماڻهو ڍلون بہ کيس پهچائڻ لڳا. ان جي مقابلي ۾ انگريز اگرچہ ملڪ جا فاتح هئا، تنهن هوندي بہ مير صاحب جي مقابلي ۾ پاڻ کي بيوس سمجهڻ لڳا. انگريز ان پريشانيءَ ۾ مبتلا رهيا تہ مير صاحب هزارن سپاهين جي فوج سان، اڃا تائين انگريزن جي فتح ۽ حاڪميت کي قبول نہ ڪيو آهي، ۽ سندس مقبوليت جيئن پوءِ تيئن وڌي رهي آهي. سندس حوصلي ۽ بهادري جا ڪارناما ڏسي، کيس مير صاحب سڏيو وڃي ٿو. ان ڳالھہ کي ڳڻي، انگريز، اها سازش سٽي تہ ڪيئن بہ ڪري، مير صاحب کي مفلوج ڪجي. ان سلسلي ۾ 6 اپريل تي عمرڪوٽ وٽ، انگريزن سان بلوچ سپاھہ جون جهڙپون ٿيون. انهن جهڙپن ۾ بلوچن مردانه وار مقابلو ڪيو ۽ انگريزن کي سخت پريشان ڪيو. پر هٿيارن جي گهٽتائيءَ سبب اهو معرڪو ائين جو ائين رهجي ويو ۽ ڪو بہ فيصلو نہ ٿيو. نيپيئر انهن حالتن کي تاڙي ورتو تہ مير صاحب مير شير محمد سان سامهون مقابلو ڪرڻ مصلحت جي خلاف آهي. اهو سوچي لاچار ٿي مير صاحب کي خط لکيائين، جنهن جو اختصار مرزا قليچ بيگ، پنھنجي تاريخ ۾ آندو آهي:
”اي سردار! تون اسان سان صلح ڪر تہ اسان توکي پنهنجو ساڳيو ملڪ موٽائي ڏينداسون.“
شير سنڌ نيپيئر جي مڪاريءَ کي تاڙي ورتو هو، جنهن ڪري جواب ڏنائين تہ:
”غير جي غلاميءَ کان موت بهتر آهي. دشمنن جي موجودگيءَ ۾ نہ آزادي برقرار رهي سگهي ٿي ۽ نہ سنڌ جي حاڪميت ئي شانائتي چئي سگهجي ٿي.“
شير سنڌ نيپيئر جي پيشڪش کي رد ڪندي پنھنجي جدوجھد کي منظم نموني ۾ جاري رکڻ جا حڪم صادر ڪيا. انگريزن پيش بينيءَ کان ڪم وٺندي، درياھہ تي سخت پهرو رکايو تہ جيئن اولھہ سنڌ جي ڪابہ بلوچي امداد، مير صاحب تائين پهچي نہ سگهي. ان کان پوءِ نيپيئر ٻيو بہ هڪ عيارانه حربو استعمال ڪيو، جنهن سان سنڌ جي جاگيردار طبقي کي لب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. نيپيئر اعلان ڪيو تہ: ” جيڪي بہ جاگيردار پيش پوندا ۽ انگريز جي آڻ مڃيندا، تن کي سندن جاگيرون موٽائي ڏنيون وينديون ۽ سندن ملڪيتون پڻ سلامت رکيون وينديون!“
ان اعلان بہ رنگ لاتو. ڪيترا جاگيردار وڃي پيش پيا. مير صاحب جي طرفدارن مان سڀ کان اول،خان لغاري'> نواب احمد خان لغاري تاجپوري، اها رٿ ٺڪرائي، پر ٻين. باقي سڀني جاگيردارن آڻ مڃي ۽ جاگيرون ورتيون. اهڙيءَ طرح سان جاگيرداريءَ سنڌ کي انگريزن جو غلام بڻايو ۽ مير صاحب لاءِ وڌيڪ ڏکيا ڏينهن آيا. سنڌو درياھہ تي انگريزن جي پهري سبب جبل جا بلوچ مير صاحب تائين پهچي نہ سگهيا. مير صاحب جي جدوجھد ۽ تنظيم کي ڏسي نيپيئر حڪم ڪيو تہ: ”مير شير محمد خان ضرور هٿ ڪيو وڃي، جيئرو يا مئل. ان تي وڏو انعام، خلعت ۽ جاگير ڏني ويندي.“
ستت، موجودہ شھدادپور جي زنديڪ، اڀپور ۾ انگريز فوج جي مهندار، مسٽر جيڪب جي ڪئمپ تي مير صاحب پنھنجي پنج هزار بلوچ فوج سان حملي ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، ليڪن سندس هڪ سپاهي جي غداريءَ جي ڪري، جيڪب تي رٿيل حملو ناڪام ثابت ٿيو. افسوس اهو آهي تہ ان لڙائيءَ ۾ مير خان محمد خان ٽنڊي غلام عليءَ واري عين موقعي تي حوصلو هاري وڌو. 13 جون تي وري سيوهڻ کان سورهن ميلن جي پنڌ تي پير آريءَ وٽ مير صاحب جي ٻئي نمبر ڀاءُ مير شاھہ محمد خان 1200 بلوچ سپاھہ سان، ليفٽيننٽ رابرٽس سان سخت لڙائي ڪئي. پر ڪن غدارن جي اندروني حڪمت عملي سان قيد ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سان مير علي مراد خان جي انگريز نوازي ۽ سازش ۽ مصلحت مير صاحب جي جدوجھد ۽ جهاد ۾ قدم قدم تي رڪاوٽون پيدا ڪري وڌيون. مير صاحب جا ٻہ ڀائر گرفتار ٿي چڪا هئا ۽ هزارين مجاهد، سنڌ تان پنھنجي جان قربان ڪري شھيد ٿي ويا ۽ ڪيئي ڦٽجي ۽ زخمي ٿي، جنگ کان لاچار ٿي پيا. اهڙين حوصلہ شڪن حالتن هوندي بہ مير صاحب آڻ نہ مڃي، نڪو انگريزن پاران پيش ڪيل صلح ۽ خودمختياريءَ جي پيشڪش کي قبول ڪيائين ۽ نڪو پنھنجي ڀائرن جي بغاوت ۽ ڪوتاھہ بينيءَ تي پريشان ٿيو. اهڙين حالتن هوندي بہ جبل جي بلوچ ڀائرن کان مدد وٺڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿي ويو. جبل جي بلوچن ڏانهن وڃڻ مھل سنڌو درياھہ بدين وٽان مقامي لغاري بلوچن جي مدد سان پار ڪيائين، جنهن جو سردار اميد علي خان لغاري هو.
جنرل جيڪب جي ريمارڪس تي تبصرو ڪندي، سنڌ جو ڪمشنر مسٽر جيمس ڄاڻائي ٿو تہ: ”چانڊيا ۽ منگسي بلوچ، مير شير محمد خان جي اثر هيٺ آهن ۽ هو وري فرانس جي اثر هيٺ آهي.“
”هسٽري آف ائلينيشن“ مان اسان کي اڳي ئي معلوم ٿي چڪو آهي تہ مير شير محمد امداد لاءِ جبل جي بلوچن ڏانهن ويو هو. ان طرح خيرپور جي تاريخ لکندي، مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ: ”ڊومڪين جي سردار کي مير شير محمد خان جي چرچ هئي، جو انگريزن جي سامهون ٿيو.“
اها بيشڪ هڪ تاريخي حقيقت آهي تہ مير صاحب جي دعوت تي جن بہ سردارن لبيڪ ڪئي، تن نهايت بهادري سان انگريزن کي ٽوٽا چٻايا. اهڙي طرح مري بلوچ، جي مير صاحب جا عزيز بہ هئا، تن بہ انگريزن سان سخت مقابلا ڪيا. ان سلسلي ۾ اها بہ هڪ تاريخي حقيقت آهي تہ باوجود ايتري سخت تڪليف ده ماحول جي، مير شير محمد، جيڪب آباد ضلعي جي ڪن سرحدي شهرن تي قبضو ڪري ورتو. پر اتي بہ مير علي مراد خان ٽالپر جي ورغلائڻ تي بلوچن ۾ نا اتفاقي پيدا ٿي ۽ جنهن ڪري کيس اهي شھر خالي ڪرڻا پيا. مير صاحب سنڌ جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ اٽڪل ٻہ ٽي سال بلوچستان جي سرحدي سردارن ۾ رهيو. اهو سمورو وقت انگريزن جي برخلاف جدوجھد ڪندو رهيو. انهيءَ جدوجھد ۾ انگريزن وقت تي ست ۽ اٺ هزار فوج، توبن ۽ سوارن جي وڏي اٽالي سان مير صاحب تي ڪاهون ڪيون. انهن ڪاهن لاءِ مشھور ڪيو ويو تہ اهي ڪاهون سرحدي بلوچن جي بغاوت جي خلاف آهن. حالانڪہ اهي حملا مير صاحب جي خلاف هئا، پر چالاڪي ۽ عياري ڪري، مير صاحب جو نالو مخفي رکيو ويو، تاڪه سنڌ جو عوام ڀڙڪي نہ اٿي. هي اهو نازڪ وقت هو جنهن ۾ انگريزن سارو هندوستان ڦٻايو هو ۽ هڪ هڪ صوبي جي حاڪم ۽ راجا کي زير ڪيو هو. مير صاحب جي جدوجھد ۾ سرحدي بلوچ بہ وطن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾، حق ادا ڪري، هزارن جي تعداد ۾ شھيد ٿي چڪا هئا ۽ بلوچي طاقت منتشر ٿي چڪي هئي. ٻئي طرف مير علي مراد خان، هر طرح سان انگريزن جي مدد ڪري رهيو هو. تنهنڪري مير صاحب، طاغوتي طاقتن جي آڻ نہ مڃيندي، لاچار ٿي قنڌار جي مسلم حڪومت کان مدد وٺڻ خاطر قنڌار روانو ٿيو.
شير سنڌ سان پهريائين جبل جي سرحدي بلوچن ڏانهن ويندي پنج هزار بلوچ ساڻ هئا، جي پوءِ آهستي آهستي گهٽ ٿيندا ويا. ٽالپرن جي خاندان مان فقط ساڻس سندس سؤٽ مير تاج محمد خان ۽ پٽس مير فتح خان، جو اٽڪل ڏهن ٻارهن سالن جو هو، ۽ سردارن مان جعفر خان مري ۽ وڏن سردارن مان رئيس سردار احمد خان لغاري، موجودہ تاجپور جي لغارين جو وڏو پڳدار ۽ سردار بہ ساڻس گڏ هئا. سردار احمد خان شير سنڌ سان لاهور تائين گڏ هو. انهن ۾ مکيہ مهندار جي حيثيت سان انگريزن جي خلاف ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ مير شير محمد جي مشوري ۽ مصلحت سان سردار احمد خان لغاري، سنڌ ڏانهن واپس وريو. هت انگريزن کيس پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ ڪيئي حربا هلايا، پر ڪامياب نہ ٿيا. سردار احمد خان جاگيرن جي آڇ بہ ٺڪرائي ڇڏي. ان وقت مير صاحب وٽ باقي هڪ هزار ساٿي وڃي رهيا.
مير شير محمد کي پٺاڻن جي مسلم حڪومت ۾ پورو پورو ڀروسو هو، تہ هو سنڌ جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ پوري پوري مدد ڪندا. اهو پڪو پھہ ڪري، مير شير محمد افغانستان کان مدد حاصل ڪرڻ لاءِ قنڌار روانو ٿيو. جڏهن اتي پهتو تڏهن اتي جي حالت ئي خراب ڏٺائين. مدد تہ مدد جي ماڳ، انگريزن جي رشوت ۽ آڇ تي موهجي، اُلٽو کيس قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ مير شير محمد کان پنج لک روپين جي تقاضا ڪئي ويئي، ڇا لاءِ تہ انگريزن مير شير محمد جي سِرَ لاءِ افغانين کي وڏي رقم جي آڇ ڪئي هئي. افغان سفيرن پنجن لکن جي تقاضا ڪندي چيو تہ اها رقم ڏيندا تہ پوءِ اوهان کي هتان واپسيءَ جي اجازت ملندي. مير صاحب افغانن جي هن عيارانه سازش تي حيران رهجي ويو، پر حوصلي کان ڪم وٺي کين شرمايائين ۽ رقم ڏيڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيائين. ان وچ ۾ شھر کي اوچتو اچي باھہ لڳي. مير صاحب ان کي ازغيبي اشارو تصور ڪري، پاڻ حفاظت سان پنجاب روانو ٿيو. پنجاب جي سک حاڪمن سان، مير صاحب جو ان ڪري رستو هو جو هو بہ ان وقت ۾ انگريزن جي خلاف هئا. مير صاحب سڌو لاهور پهتو، جتي سک راجا سندس استقبال ڪيو ۽ کيس شاهانه اعزاز سان پاڻ وٽ معزز مهمان ڪري رهايو ۽ کيس چوويھہ ڳوٺ جاگير طور ڏئي، سندن حاڪمانہ حيثيت کي قبول ڪيو. ان کان پوءِ ستت ئي انگريزن پنجاب بہ فتح ڪري ورتو. پنجاب جي فتح کان پوءِ انگريزن ساري هندوستان تي حاڪميت جي دعويٰ ڪئي. اهڙي نموني هاڻي مير شير محمد لاءِ ڪنهن بہ خارجي مدد جو آسرو نہ رهيو.
مير شير محمد زماني جي انقلاب کي ڏسي، شڪست خوردہ نہ ٿيو ۽ نڪا آڻ مڃيائين. ان وقت پنجاب ۾ برٽش ايجنٽ، ليفٽيننٽ ڪرنل مسٽر لارينس هو. اهو مير شير محمد جي شجاعت ۽ غيرت کان نهايت متاثر ٿي چڪو هو ۽ ساڻس ادب ۽ احترام سان پيش ايندو هو. ڪرنل لارينس جي دوستانه پيشڪش تي مير شير محمد سنڌ ڏانهن واپس ورڻ جي صلاح قبول ڪئي. ان سلسلي ۾ مير شير محمد جا هيٺيان شرط قبول ڪيا ويا:
1. جي بہ ٽالپر ۽ سنڌ جا فداڪار نظربند آهن، اهي بنا شرط جي آزاد ڪيا وڃن.
2. مون کي ميرپور خاص ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويندي.
3. انگريز مون کي ڪنهن بہ اهڙي مدد لاءِ نہ چوندا، جنهن ۾ مون کي پنھنجي عوام سان وڙهڻو پوي.
ان طرح سان 1853ع يا 1854ع ڌاري مير شير محمد سنڌ ۾ آيو. 1854ع کان پوءِ انگريزن جي خلاف 1858ع ۾ جنگ آزمائي شروع ٿي. ان ۾ سنڌ جي ٽالپرن بہ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر عين وقت تي حيدرآباد جي هڪڙي ٽالپر راز ظاهر ڪري وڌو ۽ سموري اسڪيم درهم برهم ٿي وئي. بهادرشاھہ بهادر، ان سلسلي ۾ مير شير محمد کي امداد لاءِ خط لکي موڪليو. ان تي مير شير محمد نقد رقم سان ڪيترا بلوچ سپاهي ڏانهنس موڪليا. مير شير محمد جي ڪارنامن ۽ مقبوليت کان مجبور ٿي، کيس I.S.C.K جو خطاب ۽ تمغو ڏنو ويو. سندس درجو ۽ مرتبو هميشہ لاءِ گورنر جي برابر تسليم ڪيو ويو. ڪمشنر جڏهن بہ ميرپور خاص ۾ ايندو هو، تڏهن مير شير محمد سان ملاقات، سندس ڳوٺ وڃي ڪندو هو. انگريز مير شير محمد جو انتهائي ادب ۽ خيال رکندا هئا. مير شير محمد انگريزن جي دؤر ۾ بہ شاهاڻي عظمت سان رهندو هو ۽ فيصلا بہ پاڻ ڪندو هو. سندس ان حيثيت کي انگريزن بہ تسليم ڪيو. مير شير محمد جڏهن حج تي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو تڏهن حڪومت جي خرچ تي بنا ڀاڙي جھاز کيس ڏنو ويو، جنهن ۾ حج ڪري آيو. سنڌ جي هن آخري محب وطن مجاهد 24 آگسٽ 1876ع تي ميرپور خاص ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1810.05.17  عيسوي

مير شير محمد خان جو جنم 17 مئي 1810ع ۾ ميرپور خاص ۾ ٿيو


1876.08.24  عيسوي

مير شير محمد خان 24 آگسٽ 1876ع تي ميرپور خاص ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زاهد حسين
سڪندر خان ملڪ
ابن الجوزي
خواجہ عبدالرحمان مجددي سرهندي
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
بصرالدين سيوهاڻي حڪيم
پارس عباسي
استاد مجاهد چانڊيو
ارنيسٽ مئڪي ڊاڪٽر
باغ علي شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون