ٽالپر، هز هائينس مير نور محمد خان ”حمزوي“ ثاني: هز هائينس مير حاجي نور محمد خان ”حمزوي“ ابن هز هائينس مير حسين علي خان ٽالپر حيدرآباد ۾ 11 شوال 1279 ھہ/ 1863ع ۾ پيدا ٿيو. قرآن مجيد ۽ ديني تعليم مير محمد حسن علي خان کان حاصل ڪيائين. مير صاحب سخن شناس، عبادت گذار ۽ نيڪ انسان ٿي گذريو آهي. سن 1920ع ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام جي روضي مبارڪ جو سونو منارو تيار ڪرايائين ۽ ڪيترائي مذهبي ڪتاب، جھڙوڪ: ”الوامع التنزيل“، ”تفسير قرآن مجيد“ ۽ ”نهرالبڪا“ ڇپرائي مفت ورهايائين. مير محمد بخش خان ٽالپر ۽ مير علي بخش خان ٽالپر، مير صاحب جا فرزند هئا، جن جو اولاد اڄ تائين لطيف آباد نمبر 4 ۾ رهي ٿو.
مير صاحب 28 ذو الحج 1345 ھہ/ 29 جون 1947ع ڪربلا معليٰ ۾ زيارت لاءِ ويو، اتي وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ٿيو.