ٽانٽن

ٽانٽن: مسٽر آءِ . ايڇ . ٽانٽن رياست خيرپور جو پهريون انگريز وزير هو . جڏهن مير علي نواز خان وٽ ڪائونسل ڪامياب نہ ٿي سگهي ، تڏهن وزير جي گهر ڪيائين . 1930ع ۾ انگريزن ٽانٽن کي وزير ڪري موڪليو . هو سنڌي زبان بہ ڄاڻندو هو . اچڻ سان مير صاحب کي پنهنجو ڪري ويو ۽ ٻہ سال کن رياست ۾ رهي ، ڪجهہ سڌارا آندائين . ٻن سالن کان پوءِ مير صاحب جي نااتفاقيءَ سبب 1932ع ۾ استعيفيٰ ڏئي هليو ويو .


لفظ ٽانٽنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو