ٽانڊوَ ناچ
ٽانڊوَ ناچ
ٽانڊوَ ناچ (Tandawa Dance): هيءَ ناچ مشهور دراوڙي ديوتا شِوَ سان منسوب آهي. هندو ڏند ڪٿائن موجب شِوَ جو هي ناچ ڪائنات جي تخليق کان وٺي ان جي حفاظت جا سڀ انگ رکي ٿو. هن ناچ جو انگ رُدرا ٽانڊوَ، موت جي ناچ ڏانهن منسوب آهي. شِو، دراوڙن جو اهو ديوتا آهي جنهن جي ڳڻن ۾ ڪائنات جي تخليق کان وٺي ان جي سار سنڀال ۽ موت/فنائيت جا سڀئي ڳڻ هجن ٿا، هن ناچ جو هڪ انگ انندا ٽانڊوَ دنيا جي لذت وٺڻ سان وابسته آهي. شِوَ کي ئي سڄي دنيا جي ناچن جو تخليقڪار سمجهيو وڃي ٿو. شَوِ دنيا ۾ ناچ جو وڏي ۾ وڏو ديوتا آهي. قديم سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا لاءِ ڪن عالمن (سر جان مارشل ۽ ٻين) جو خيال آهي ته اتي شِوَ جي پوڄا ٿيندي هئي پر ڪي ٻيا عالم ان کي سختيءَ سان رد ٿا ڪن. پر اڄ به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ”شوالن“ (مندرن) جي موجودگي، شِوَ جي پرستش جو اهم ثبوت آهي. ٽانڊوَ لفظ ٽانڊو مان ورتل آهي، جو شِوَ پنهنجي ٻالڪي ”ٽانڊو“ کي سڀ کان پهريان هي ناچ سيکاريو هو، جنهن ڀرت نالي هڪ رشيءَ کي ناچ جا انگ ۽ ڪَرَن (Caranas) سيکاريا هئا. جنهن پوءِ نٽ شاستر نالي ’ناچ‘ بابت ڪتاب لکيو. ڪن عالمن جو خيال آهي ته ٽانڊوَ هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن جا ڪيترا حصا پوءِ ڀارت نٽي شاستر ۾ شامل ڪيا ويا هئا.
هندو ڏند ڪٿائن موجب ناچ، موسيقي ۽ راڳُ، شِوَ جا ئي تخليق ڪيل فَنَ آهن. ٽانڊو ناچ جا 108 نمونا آهن، جيڪي سڀئي نٽي شاستر نالي ڪتاب ۾ تفصيل سان ڄاڻايل آهن ۽ هندو مندر هوائيءَ ۾ مجسمن جي صورت ۾ رکيل آهن. هر هڪ مجسمو 12 انچ ڊگهو آهي. هن ناچ جا 32 انگ ۽ 108 ڪرن نٽ شاستر جي باب چوٿين ۾ بيان ٿيل آهن. لفظ ڪرن يا ڪرنا جي معنيٰ آهي، هٿن جي اشارن جو پيرن جي کڄڻ سان ميلاپ ”جنهن جي ڪري ناچ پنهنجي اصلي صورت ۾ ظاهر ٿي بيهندو آهي، هندن ۾ عقيدو آهي ته اهي ناچ جا 108 ڪرنا ٽانڊوَ ناچ ۾ شامل هجڻ سبب انهيءَ ناچ جا نچندڙ نه رڳو نچي مالڪ کي پرچائي سگهن ٿا، بلڪه اهي دنيا جي وهنوار ۾ پنهنجو بچاءُ ۽ صحت لاءِ تمام ضروري سمجهيا وڃن ٿا. اهي 108 ناچ جا ڪرن اڳتي هلي يوگا ۾ شامل ڪيا ويا. هن ناچ جا 5 اصول آهن، جن جي ڪري ناچ تمام خوبصورت سمجهيو وڃي ٿو.
(1) شرشٽي: تخليق يا ارتقا (2) شيٽي: سنڀال، سهارو (3) سمهارا: تباهي (4) تروڀوا: نظربندي/نظر جو دوکو
(5) انوگرها: ڇوٽڪارو
ٽانڊوَ اصل ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ قربانيءَ جو ناچ آهي، جنهن ۾ چرپر تمام سگهاري ۽ ڦڙتيلي هوندي آهي، نچڻ مهل لطف ماڻڻ ۽ لطف پهچائڻ جا انگ شامل ڪيا ويندا آهن. جنهن ڪري انندا ٽانڊوَ ناچ کي مزي وٺڻ ۽ مزي ڏيڻ وارو ناچ به سڏيو وڃي ٿو، پر جڏهن هي ناچ جو نمونو پرتشدد ٿئي ٿو ته پوءِ ان کي ’ردرا ٽانڊوَ‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ اهو تباهيءَ يا موت جو ناچ ٿيو پوي. هندن جي قديم ڪتابن ۾ ٽانڊوَ جي ناچ جا ست نمونا ڄاڻايل آهن: (1) انندا ٽانڊوَ (2) تري پردا ٽانڊوَ (3) سنڌيا ٽانڊوَ (4) سمهارا ٽانڊوَ (5) ڪالي با ڪالڪا ٽانڊوَ (6) اما ٽانڊوَ ۽(7) گهوري ٽانڊوَ.
ڪن عالمن جو خيال آهي ٽانڊوَ ناچ نچڻ جا 16 نمونا آهن. جيئن آنند ڪمار سواميءَ پنهنجي مضمون ’Shiva Dance ‘ ۾ لکيو آهي ته ”شو ناچ جا گهڻا نمونا شوين کي ڪو نه ايندا آهن. ان باري ۾ آءٌ به اڻڄاڻ آهيان، پر اهو ڄاڻان ٿو ته شوين جي سڀني ناچ جي نمونن جو بنياد ٽانڊوَ ناچ تي رکيل آهي. شِوَ ناچ جي اصليت ڇا به هجي، پر اها حقيقت آهي ته هيءُ فن رڳو سندن خدا کي ريجهائڻ جو وسيلو رهيو آهي ۽ رهندو. پاروتي ديوي، شو کي ريجهائڻ لاءِ جيڪو ناچ نچيو هو، ان کي لسيا (Lasya) جوندا آهن. هن ناچ جي انگن ۾ شائستگي، شانتي، دل آويزي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جنسي ڀاوَ به ٿين ٿا. پارورتي ديويءَ طـرفـان نـچـيـل ٽانڊوَ ناچ لسيا (Lasya) جا به قسم آهن:
(1) جرين لسيا ۽ يو واڪا لسيا.
هندن جي ڌرمي ۽ پوتر ڪتابن ۽ نشانين ۾ شِوَ ۽ ٻين ديوين ديوتائن کي نچندي تصويرن ۾ ڏنو ويو آهي. جڏهن ’ستي ديوي‘ (جنهن پوءِ ٻيهر پاروتيءَ جو ٻيو جنم ورتو هو) قربانيءَ جي مقدس باهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو، تڏهن چيو وڃي ٿو ته شِوَ ’ردرا ناچ‘ نچيو ويو هو. جنهن ۾ هن پنهنجي غضب ۽ غم جو شديد اظهار ڪيو هو. چون ٿا ته جڏهن شِوَ ٽانڊوَ ناچ نچيو هو ته ٻين ديوتائن جهڙوڪ برهما، وشنو، سرسوتي، لشڪمي ۽ اندرا موسيقيءَ جا ساز وڄايا هئا ۽ شِوَ سان گڏ ڳاتو به هو. اهڙي نموني ڪيرن مندر ۾ شو جي پٽ گڻيش کي (جيڪو اٺن ٻانهن وارو ديوتا آهي،) به مورتين ۾ نچندي ڏيکاريو ويو آهي. ڀاڳوت گيتا ۾ ڪرشن کي ڪالي ماتا جي مٿي تي ٽانڊوَ ناچ نچندي ٻڌايو ويو آهي. جيني مذهب جي لکت موجب جين نزي ٿنڪر ڍشيبا جي ڄمڻ تي اندرا نالي ديويءَ خوشيءَ ۾ ٽانڊوَ ناچ نچيو هو.