ٽانڪو لڳائڻ: سونارا نئين زيور تي پهرين پهرين جيڪو ٽانڪو لڳائيندا آهن ، انهيءَ کي ” ٽانڪو واهڻ “ ڪري چوندا آهن . حقيقتاً ٽانڪو لڳائڻ کان ” ٽانڪو واهڻ “ وڌيڪ مضبوط آهي . سونارا ٽَڪِ کي مٿان ڦوڪ ڏيندا آهن ، تہ ٽانڪو پسري پاڻيءَ وانگر ٿي ويندو آهي ۽ وهي اٿي هلندو آهي ۽ خد ۽ خال ڀري بيهي رهندو آهي ۽ باھہ هٽڻ کان پوءِ يڪدم ڄمي ويندو آهي . پر سونارا ٽانڪو لڳائڻ جو مقصد اهو وٺندا آهن تہ اِهو پراڻو زيور آهي ۽ انهيءَ کي ٻيو ڀيرو ٽانڪو لڳايو پيو وڃي . ٽانڪي واهڻ ۽ لڳائڻ ۾ سواءِ نئين ۽ پراڻي ٽانڪي جي ٻيو ڪو بہ فرق نہ آهي .