ٽانگَ: ڪڪڙن کي مٿي ويهارڻ جي ڊگهي ڪاٺي. عام اوطاق يا وٿاڻ ۾ ڪڪڙن کي مٿي ويهارڻ لاءِ هڪڙي ڊگهي ڪاٺي ٽنگي ڇڏيندا آهن، انهيءَ لاءِ تہ ڪڪڙ، گدڙ ۽ ٻلي وغيرہ جي پھچ کان مٿي ويٺا هوندا، ان ڪري انهن کي نقصان نہ پهچندو.