ٽاپن راند

ٽاپن راند: دلن، ڦيلهين، مٽن، طباخن، ڍڪڻين، ڍڪڻن وغيرہ جا ڀڳل ٽڪر هٿ ڪري، انهن کي گهڙي گول چڪرا ٺاهيا ويندا آهن، جيڪي ڊبوءَ راند جي ۽ ٻين سارين وانگر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. انهن کي ٽاپون سڏبو آهي. اهڙا ٽاپون ٻار پاڻ محنت ڪري ٺاهيندا آهن. پوءِ رانديگر لھي ايندا آهن راند جي ميدان تي. هڪ رانديگر پنهنجا چار ٽاپون وچ تي رکندو آهي ۽ ٻئي کي انهن جي کڻڻ جو وجهہ ڏيندو آهي. کڻڻ وارو رانديگر راند شروع ڪرڻ مھل پنهنجو هڪ ٽاپون مٿي هوا ۾ اڇلائي پوءِ هيٺين ٽاپن مان هڪ ٽاپون کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مگر هن کي هيٺين ٽاپونءَ کڻڻ لاءِ شتابي ڪرڻي پوندي آهي ۽ اهڙي جلدائيءَ کان ڪم وٺندو آهي جو جيستائين سندس هوا ۾ اڇلايل ٽاپون زمين تي پهچي، ان کان اڳ هيٺيون ٽاپون کڻي مٿان ايندڙ ٽاپونءَ کي روڪي جهٽي وٺندو آهي. جيڪڏهن ائين ڪري نہ سگهيو ۽ سندس اڇلايل ٽاپون پٽ تي پهچي ويو تہ کاتو.پر جي هيٺيون ٽاپون کڻي ورتائين ۽ مٿئين کي پٽ تي ڪرڻ کان بچائي ورتائين تہ پوءِ کنيل ٽاپون کيس انعام طور بخشيو ويندو نہ تہ سندس ٽاپون ڇٽو. اهڙيءَ طرح اها راند هلندي رهندي، جيستائين سڀ ٽاپون پورا نہ ٿي وڃن.
ٽاپونءَ راند ٻيءَ طرح بہ ٿيندي آهي. انهيءَ راند ۾ ڇا ڪبو آهي جو چار پنج ٽاپون هڪ ٻئي مٿان رکي هٿ جي تريءَ تي رکبا آهن. پوءِ انهن کي ٿورو مٿي اڇل ڏئي ساڳي هٿ جي پٺيءَ تي جهٽڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. پهرئين دفعي اڇلڻ ۽ جهٽڻ سان جيڪي ٽاپون هٿ جي پٺيءَ تان ڪري پيا سي ڇٽا. باقي جيڪي هٿ جي پٺيءَ تي جهٽجي سگهيا، سي وري ٻئي دفعي ساڳيءَ طرح اڇلائي هٿ جي تريءَ تي جهٽبا. وري بہ جيڪڏهن ڪو ٽاپون ڪري پيو تہ ڇٽو. باقي ٻنهي اُڇلن بعد جيڪي بچيا سي ڄڻ تہ کٽيا ويا. هيءَ راند چڱي وندرائيندڙ آهي. ان کان سواءِ هن راند ۾ چستي پيدا ٿيڻ سان گڏ صحيح نشان مقرر ڪرڻ جي تربيت بہ ملي ٿي ۽ ٽائيم جي حدن اندر ڪم ڪرڻ جو تجربو ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو