ٽاڪو: هن کي ٽانڪو بہ چئبو آهي. ڪپڙي کي ڳنڍڻ لاءِ ٽوپي يا بخيي کي ٽاڪو چوندا آهن. ٿانءَ کي ريھہ جو ڳنڍُ. ٽٽي يا ڀڄي پيل چانديءَ يا سون جي ڳھہ کي مَٺ جي ريھہ سان ڳنڍ بہ ٽاڪو چئبو آهي. ان حوالي سان هي ٺاٺارن ۽ سونارن جو عام اصطلاح آهي. اڄڪلھہ لوھہ جي ڳرن اوزارن ۽ مشينريءَ کي بجليءَ يا گئس جو ٽاڪو لڳايو وڃي ٿو، جنهن کي ”ويلڊنگ“ چيو ويندو آهي.