ٽرانسفارمر يا ڦرڻو: ڦيرڻو فقط ڦرڻي ڌار ۾ ڪم آڻي سگهبو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو مدار انهن انڊيوسڊ ڪرنٽس (پيدا ڪيل ڇهائن) تي آهي، جي تڪڙو مقناطيسي ايراضين جي بدلجڻ سان پيدا ٿين ٿا. جڏهن پرائمري ڪرنٽ شروع ٿئي ٿو، تڏهن لوهه جي ڪور ۾ مقناطيسي ايراضي پيدا ٿئي ٿي. اها ايراضي ٻڙين واري ليڪن سان ڏيکاريل آهي. لوهي ڪور جي مقناطيسي ايراضي سيڪنڊري ڪوائل ۾ انڊيوسڊ ڪرنٽ پيدا ڪري ٿي. ائين فقط تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن پرائمري ڪرنٽ گهٽ يا وڌ ٿئي ٿو. جيڪڏهن پرائمري ڪوائل مان سڌي ڌار هِڪڪَري هلندي رهندي ته ’سيڪنڊري ڪوائل‘ ۾ هڪ هلڪي ڌار پيدا ٿيندي،جيڪا پل جي پٽيءَ ۾ مري ويندي، پر جي پرائمري ڪوائل ۾ ڦرڻي ڌار تڪڙو تڪڙو بدلبي رهندي ته پل پل سيڪنڊري ڪوائل ۾ انڊيوسڊ ڪرنٽ پيدا ٿيندو رهندو. مطلب ته جي پرائمري ڪوائل ۾ ڦرڻو ڪرنٽ هلندو هوندو ته سيڪنڊري ڪوائل ۾ به ڦرڻي ڪرنٽ چالو ٿيندو، جنهن جو طرف به ايتري اڪثريت سان بدلبو رهندو، جيترو پرائمري ڪوائل ۾. ڪرنٽ معمول موجب سيڪنڊ ۾ 50 سائيڪلس (ڦيرن) جي حساب سان پهچائبو آهي ۽ اهڙي ڪرنٽ کي گهٽ وڌ ڪري ڪهڙي به گهربل ”وولٽيج“ تي آڻي سگهجي ٿو.
پاڪستان ۾ 250 وولٽن جي وولٽيج رواج ۾ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بجليءَ جي سامان لاءِ فقط 100 وولٽ گهربل هوندا ته انهيءَ حالت ۾ ”گهٽجندڙ ڦرڻي“ جي گهرج ٿيندي، پر جيڪڏهن 25 وولٽن جي ڪرنٽ کي ڦيرائي 110 وولٽن تي آڻڻو هوندو ته ”وڌندڙ ڦيرڻي“ کان ڪم وٺبو. ڪو به ٽرانسفارمر سؤ سيڪڙو پورو ڪم نه ٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته ٽرانسفارمر جي حالت ۾ جيترا ”وئٽ“ پرائمري ڪوائل کي ڏبا اوترائي سيڪنڊري ڪوائل کان ملڻ کپن. جيئن ته ”وئٽس“ جو تعداد، ائميئرن ۽ وولٽن کي ضرب ڪرڻ سان ملي ٿو، ان ڪري حساب هيئن بيهندو آهي.
پرائمري وئٽ = سيڪنڊري وئٽ
پرائمري وولٽ x ائمپيئر = سيڪنڊري وولٽ x ائمپيئر
عام طرح سيڪنڊري ڪوائل مان نڪرندڙ وئٽ، پرائمري ڪوائل ۾ داخل ٿيل وئٽس کان گهٽ ٿيندا آهن.