ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد: حيدرآباد ۾ مرد استادن جي تربيت جو ادارو. ٻارن کي پڙهائڻ به هڪ ”هنر“ يا ”فن“ آهي، ان ڪري ان فن جي سکيا سان ئي تعليمي مقصد پورو ٿي سگهي ٿو، جنهن مقصد لاءِ تربيتي ادارا وجود ۾ آيا. استادن جي تربيت جي ڏس ۾ شروعاتي قدم 1756ع ۾ آمريڪا طرفان کنيا ويا ۽ پهريون ٽريننگ اسڪول فلاڊيلفيا ۾ کوليو ويو. ان کان پوءِ مغرب ۾ يورپ وارن پڻ استادن جي تربيت لاءِ نارمل ٽريننگ اسڪول کوليا، بعد ۾ اهو سلسلو ٻين مُلڪن ۾ به تڪڙو شروع ٿي ويو.
انگريزن ننڍي کنڊ ۾ جيئن ئي پنهنجا پير پختا ڪيا ته هنن سنڌي ’الف- ب‘ کي نئين ترتيب ڏيارائي پرائمري اسڪول کولرايا، جتي سنڌي ٻوليءَ، انگريزي ٻوليءَ، انگي حسابن، تاريخ، آلجبرا، جاميٽريءَ، سائنس ۽ جاگرافيءَ جهڙا نوان مضمون به شامل ڪيا. ان وقت مسئلو اهو پيدا ٿيو ته اهي نوان مضمون ڪير پڙهائي؟ ڇو ته پهريان استاد، اهي ڪم سکيل نه هئا. ان لاءِ لازمي ٿيو ته پهرين استادن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪجي. انهيءَ ڪري هندستان سرڪار ٻين صوبن ۾ جيئن ئي تربيتي ادارا قائم ڪيا ته سنڌ ۾ به سڀ کان اول ڪراچيءَ ۾ 1854ع ۾ هڪ نارمل اسڪول قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ ايلفنسٽن ۽ پُونا ڪاليج جا اُهي جهونا شاگرد، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ هئا، سي خانگي اسڪولن جي ماسترن ۽ ٻين ماڻهن کي سکيا ڏيندا هئا. ڏهن سالن جي عرصي کان پوءِ، اهو نارمل ٽريننگ اسڪول ڪراچيءَ مان تبديل ڪري 1864ع ۾ حيدرآباد آندو ويو ۽ پراڻي سول اسپتال ڀرسان هڪ مسواڙي جاءِ ۾ شروع ڪيو ويو. پوءِ ان نارمل اسڪول کي 1887ع ۾ مسٽر ايڇ. جيڪب، ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ جي ڪوششن سان ٽريننگ ڪاليج جي معيار تي آندو. تعليم، ترقي ۽ ادبي سڌاري جي حوالي کان ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد کي ڇهن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
(1) ابتدائي دور (1854ع کان 1888ع تائين ):ابتدا ۾ هيءُ ادارو نارمل ٽريننگ اسڪول جي نالي سان سڏيو ويو ۽ ان جو پهريون هيڊماستر ديوان چوهڙمل پنجابي (سنڌ جو پهريون گرئجوئيٽ) مقرر ٿيو. هن دؤر ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪورس جا ڪتاب ڇپيل ڪونه هئا. ان کان سواءِ تربيتي اداري ۾ تدريسي عملو به سنڌ جو نه هو ۽ غيرسنڌي هئڻ ڪري، سنڌي زبان کان غيرواقف هو، نتيجو اهو نڪتو جو سال 1857ع ۾ ٽيهن شاگردن مان صرف ڏهه پاس ٿيا. ديوان چوهڙمل کان پوءِ رئيس غلام علي ۽ ملا محمود حسن اداري جا هيڊماستر مقرر ٿيا.
(2) ٻيو دؤر (1887ع کان 1923ع تائين ):1887ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جي موجوده عمارت تيار ٿي. ان کان پوءِ اداري کي نارمل ٽريننگ اسڪول مان بدلائي ٽريننگ ڪاليج جي معيار تي آندو ويو. ان جي سربراهه کي هيڊماستر جي بجاءِ پرنسپال جو عهدو ڏنو ويو. هيءُ دور نه صرف اڳئين دؤر کان سُڌريل هو، پر پڙهائيءَ جي لحاظ کان پڻ هيءُ دؤر سٺو رهيو. هن مقصد لاءِ ڪاليج جي احاطي اندر هڪ پرائمري اسڪول کوليو ويو. هن دؤر ۾ سنڌي زبان جا اٽڪل سوا ٻه سؤ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا، جهڙوڪ: ’سنڌي صرف و نحو‘ (1860ع)، ’اصول طب‘ (1868ع) ۽ ’گل شڪر‘ (1969ع) وغيره. هن دؤر ۾ ديوان ڪوڙي مل، ديوان تاراچند ۽ راءِ بهادر ديوان پريمچند جهڙا برجستا ۽ تجربيڪار ماڻهو ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿي آيا، جڏهن ته شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام، عالمچند ۽ ٻيا پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو، دعوت ڏئي گهرايا ويندا هئا، جيڪي پنهنجن علمي ۽ ادبي لياقتن ڪري شاگردن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا هئا. هن دؤر ۾، ڪاليج اندر باغيچي جو بندوبست ڪيو ويو. 1936ع ۾ ڪاليج جي علمي ۽ انتظامي مامرن ۾ تبديلي ڪري، ڪجهه نون مضمونن جو اضافو ڪيو.
(3) ٽيون دؤر، (1923ع کان 1947ع تائين ):هيءُ دؤر ٽريننگ ڪاليج جو بهترين دؤر چئي سگهجي ٿو. هن دؤر ۾ خانبهادر نورالدين نانا، قاضي غلام نبي ۽ صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ جهڙا اعليٰ تعليم يافته ماڻهو هن اداري جا پرنسپال ٿيا. هن دؤر ۾ هم نصابي سرگرمين، جهڙوڪ: ڊرامن، ڊائلاگن، راڳن، راندين، ورزشن ۽ سير تفريح وغيره تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.
(4) چوٿون دؤر (1948ع کان 1960ع تائين ):هن دؤر جي شروع ۾ پاڪستان ٺهڻ سبب ڪيترائي جهونا ۽ تجربيڪار، هندو استاد لڏي وڃي هندستان ۾ آباد ٿيا، جنهنڪري ڪاليج جي تعليم تي وڏو اثر پيو. صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي رٽائر ڪرڻ سبب غلام حسين سومري کي ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. سال 1951ع ۾ هن اداري جي سربراهه جو گريڊ وڌائي ’ڪلاس ون سينيئر‘ ڪيو ويو. ان گريڊ ۾ ڊاڪٽر غلام حسين جعفريءَ کي سنڌ جي تربيتي ادارن جو انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان وقت ڪاليج جو وائيس پرنسپال شيخ عبدالله ”عبد“ هو، جيڪو هڪ وڏو عالم ۽ اديب هو. هن دؤر ۾ ٽريننگ ڪاليج جي ٻيهر واڌ ويجهه ٿي.
(5) پنجون دؤر (1962ع کان 1976ع تائين ):هن دؤر ۾ ٽريننگ ڪاليج اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترقي ڪئي. حافظ ميان عبدالستار ميمڻ، سيد پناهه علي شاهه، ميان الهداد سومرو، سيد سچل شاهه بخاري، محمد منور ۽ شاهه محمد کِچي هن اداري ۾ ٻن سالن لاءِ سربراهه ٿي آيا. هن دؤر ۾ ايس. وي ڪورس (هڪ سال لاءِ)، سي. ٽي (ٽن سالن لاءِ)، بي. ايڊ (ٽن سالن لاءِ) ۽ اوريئنٽل ٽريننگ جا ڪلاس شروع ڪيا ويا.
(6) ڇهون دؤر (1977ع کان وٺي هلندڙ ):هن دؤر ۾ تربيتي ادارن جو انتظامي ڪنٽرول ڊائريڪٽوريٽ بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ، ڄامشورو جي حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ سمورا تربيتي ادارا، ڊائريڪٽر اسڪول ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن سان وابسته هئا. هن دؤر ۾ ڪاليج جو انتظامي سرشتو بدلائي، سيمسٽر سسٽم ڪيو ويو. 1978ع جي پڇاڙيءَ ۾ هن ڪاليج جو درجو وڌائي ”ايليمينٽري ڪاليج آف ايڊيوڪيشن فارمين“ ڪيو ويو، جنهن جو پهريون پرنسپال ۽ انسپيڪٽر، مسٽر علي حيدر هو، جنهن کان پوءِ محمد سليمان خاصخيلي، مسز رضيه شاهه، عبدالغفار صديقي ۽ مس شميم ايوبي هن اداري جا سربراهه ٿيا. ان کان پوءِ سيد شير شاهه اداري جو سربراهه ٿيو، جڏهن ته هتي پي. ٽي. سي، سي. ٽي، او. ٽي ۽ ڊي. ٽي. سي جي ڪورسن جي سکيا ڏني وڃي ٿي. ڪاليج جي عمارت ۾ ڇهه عدد وڏا ڪلاس روم، پرنسپال آفيس، اسٽاف روم، ڪلرڪ آفيس، استادن جو ڪمرو ۽ لائبرري شامل آهن. ان کان علاوه ڊمانسٽريشن هال، هاسٽل، سائنس هال، باغيچو، پرنسپال جو گهر، هاءِ اسڪول ۽ جامع مسجد وغيره به آهن.