ٽرپوري لڪ

ٽر پوري لڪ: تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ ۾ جوهيءَ جي اولھہ ۾ کيرٿر جبل جي ڏکڻ واري پڇڙيءَ وٽ، پٻ جبل جون قطارون شروع ٿين ٿيون. قافلي وارن کي پٻ جبل مان لنگهي سرونا ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻو پوندو آهي. سرونا ماٿري سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار فوٽ اوچي آهي. ان جي اولھہ ۾ کڏي جبلن جي قطار آهي. انهن جبلن جي قطار ۾ هڪ سولو ۽ سهنجو لڪ آهي، جنهن جو نالو ’ٽري پوري لڪ‘ آهي. هن لڪ کي ”حب ماٿريءَ جو دروازو“ بہ سڏيو ويندو آهي.


لفظ ٽرپوري لڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو