ٽس: سُڪل ٽوهن جا ٽڪرا، جيڪي وڍي، ٽڪرا ڪري، کڏ کوٽي، واريءَ ۾ پوري ڇڏبا آهن. ڪجهہ وقت کان پوءِ، انهن جو ڪڙو رس، واري چُهي ويندي ۽ ٽَس جا ٽڪرا مال جي کائڻ لائق ٿي ويندا آهن. شاھہ صاحب جي بيت جي هڪ سٽ آهي تہ: ”آڻي وڌائون آهرين، سندا ٽُوهنَ ٽسَ“.