ٽس: سُڪل ٽوهن جا ٽڪرا، جيڪي وڍي، ٽڪرا ڪري، کڏ کوٽي، واريءَ ۾ پوري ڇڏبا آهن. ڪجهه وقت کان پوءِ، انهن جو ڪڙو رس، واري چُهي ويندي ۽ ٽَس جا ٽڪرا مال جي کائڻ لائق ٿي ويندا آهن. شاهه صاحب جي بيت جي هڪ سٽ آهي ته: ”آڻي وڌائون آهرين، سندا ٽُوهنَ ٽسَ“.