ٽلٽي: دادو ضلعي ( هاڻي ڄامشوري ) جو هيءُ قديم تاريخي ڳوٺ ۽ شھر ، قديم دور ۾ سنڌو درياھہ ڀرسان هو . انهيءَ پراڻي شھر جا کنڊر ، اڄ تائين دڙن جي صورت ۾ موجود آهن . درياھہ جي ڇڏيل پيٽ ۾ ڍنڍون ٺھي پيون آهن ، جن مان ڪاري ڍنڍ ، بخاري ڍنڍ ۽ شاھہ ڳڙھہ ڍنڍ اڄ بہ موجود آهن .
سمن جي دور جي مشھور علمي ۽ قومي شخصيت مخدوم بلاول جو تعلق بہ هن ئي شھر سان هو . جڏهن سنڌ جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ تي ارغونن جو حملو ٿيو ، تڏهن مخدوم بلاول ارغونن کي للڪاريو . اهوئي سبب آهي ، جو ارغونن کيس گهاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪرايو . آڳاٽي وقت ۾ ٽلٽي ، وڏو درياهي پتڻ هو . سمن جي دور ۾ هي شھر واپاري شھر هو . شاھہ بيگ ارغون جي زماني ۾ ٽلٽيءَ ۾ ٻہ جنگيون لڳيون ، پهرين جنگ شاھہ حسن ارغون ( شاھہ بيگ ارغون جي پٽ ) سان ٿي ، جنهن ۾ هُن هارايو . پوءِ جلد ئي ان جنگ جي بدلي وٺڻ لاءِ شاھہ بيگ ارغون ، ارغونن ۽ ترخانن جي وڏي فوج وٺي ، درياھہ ۾ ٻيڙين رستي ٽلٽي پتڻ تي پهتو . شاھہ حسن ارغون ، جيڪو هارايل لشڪر وٺي ڳاها طرف وڃي رهيو هو ، اهو سيوهڻ مان مير فاضل ڪوڪلتاش جي اڳواڻيءَ ۾ تازو لشڪر وٺي ٽلٽيءَ پهتو . ٽلٽيءَ جي چوڌاري شاھہ بيگ ارغون حملو ڪرايو ، اها جنگ 9 اپريل 1520ع تي وڙهي وئي ، جنهن ۾ ٿر جا سوڍا ، راڻو رڻمل ، جوڌا سنگهہ ، ساهتيءَ جا سھتا ۽ ٻيا ڪيترائي سورهيه شھيد ٿي ويا . دولھہ درياھہ خان جا ٻہ پٽ مٺڻ خان ۽ محمود خان بہ هن جنگ ۾ شھيد ٿيا . محب وطن بزرگ مخدوم بلاول ٽلٽيءَ جي مجاهدن جي ڀرپور مدد ۽ حمايت ڪئي ، جنهنڪري کيس بغاوت جو مجرم قرار ڏئي ارغونن پاران شھيد ڪيو ويو . ٽلٽيءَ ۾ مخدوم بلاول جي مشھور درسگاھہ هئي ، جنهن ۾ هُن ديس واسين کي ، قرآن شريف ، تفسير ، حديث ، فقہ ، شريعت ۽ جهاد جي موضوعن کان روشناس ڪرايو . سندس درسگاھہ ظاهري علم جي پالوٽ سان گڏ ، روحاني فيض جو بہ وڏو مرڪز هئي . ٽلٽي شمس العلماءَ عمر بن محمد دائودپوٽي جو اباڻو ڳوٺ بہ آهي .
ٽلٽي ، تعلقي سيوهڻ جي هڪ ديھہ پڻ آهي ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن:
غلام محمد سولنگي ، سلطان ٻرڙو ، امام بخش جي مياڻي ، غلام محمد جي مياڻي ، احمد مياڻي ، مٺو حاجاڻو ، ميرجت ، ٽلٽي ، گدا جت ۽ خان محمد گاڏهي .