ٽلٽيءَ وارو مدرسو: سمن جي دور ۾ ٽلٽي علم جو وڏو مرڪز هو. سيوهڻ کان پوءِ ٽلٽي بوبڪ، ڪاهان (ڳاها) ۽ پاٽ علمي طور وڏا مرڪز هئا. پراڻي وقت ۾ باغبان واري پرڳڻي ۾ وڏا مرڪز ٻہ هئا، هڪ باغبان، ٻيو ٽڳڙ. هي ٻئي ڳوٺ اڄ بہ موجود آهن. ٽلٽيءَ واري مدرسي جو اڳواڻ مشھور عالم مخدوم بلاول هو. هتي اڄ بہ مخدوم بلاول جي مدرسي ۽ مسجد جا آثار شھر ۾ موجود آهن.
مخدوم بلاول، وڏو محدث ۽ فقيھہ هو، سندس درسگاھہ ظاهري علم جي پالوٽ سان گڏ روحاني فيض جو بہ وڏو مرڪز هئي. سندس اوائلي زندگي ۽ ابتدائي تعليم جو ڪو بہ پتو نہ آهي. باقي مولانا غوثي بن حسن بن موسيٰ شطاري دکني ”گلزار ابرار“ ۾ سندس باري ۾ هدايت سنڌي برهانپوري جي روايت سان لکيو آهي تہ ٽلٽيءَ جي ٻي جنگ ۾ مخدوم بلاول اهم ڪردار ادا ڪيو. مخدوم ڪڏهن ڪڏهن موزون شعر بہ چوندو هو. هن مدرسي ۾ مخدوم صاحب جا ڪيترائي معاصر ۽ شاگرد هئا، جن ۾ مخدوم عربي ڌياڻو (وفات 980 ھہ/ 1572ع)، مخدوم اسحاق (وفات: 932 ھہ/ 1525ع)، سندس پٽ مخدوم احمد (وفات 959 ھہ/1551ع) ۽ مخدوم محمد (وفات 963 ھہ/ 1555ع) هالا پراڻا، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار (ڏهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جو معاصر)، مخدوم عبدالرشيد هالا پراڻا (وفات 936ھہ/1529ع)، مخدوم جعفر بوبڪائي (وفات ڏهين صدي هجريءَ جي آخر)، درويش جرڪس ڳوٺ ونگي چاچڪان (وفات ڏهين صدي آخر)، مخدوم صدو لانگاھہ (وفات: 947 ھہ/1540ع)، قاضي قاضن، قاضي ابو سعيد سيوستاني ثمر بکري (وفات: 958 ھہ/1551ع)، قاضي عبدالله (وفات:1009ھہ/1600ع)، بن قاضي ابراهيم درٻيلوي (وفات: 978 ھہ)، شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعيد درٻيلوي (وفات: 984 ھہ/1576). مولانا يونس سمر قندي استاد شاھہ حسن ارغون، مير سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ الحسيني، الترمذي بکري (وفات:991 ھہ/1583ع)، غياث الدين بکري (وفات: 928 ھہ/ 1521ع)، مير ابو سعيد پوراني بکري (وفات:895 ھہ/ 1586ع) ۽ سندس پٽ مير بايزيد (وفات: 930 ھہ/ 1523ع)، ميرڪ مخدوم محمود (وفات: 953ھہ/1546ع)، مخدوم محمود فخر پوٽو ڪاهاني (وفات 957 ھہ/1550ع)، مخدوم عبدالعزيز محدث ڪاهاني (مخدوم محمود جو معاصر) ۽ سندس پٽ مولانا اثير الدين ۽ مولانا يار محمد، شيخ قاسم ۽ سندس پٽ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي، شيخ طاهر محدث پاٽائي (وفات 991 ھہ/1583ع )، مولانا يونس لاکو سنڌي ۽ مولانا شيخ مبارڪ پاٽائي (وفات 988 ھہ/ 1580ع).
مخدوم بلاول جي شاگردن جي ڊگهي فهرست آهي، پر انهن سڀني ۾ نمايان قاضي ڏتو بن قاضي شرف الدين عرف راهو سيوهاڻي هو. هن تفسير ۽ حديث جي تڪميل مخدوم بلاول جي مدرسي ۾ ڪئي. قاضي ڏتو حافظ قرآن، ترڪي زبان جو ڄاڻو، علم نجوم، علم جعفر ۽ ڪشف جو بہ ماهر هو. سيد حيدر شاھہ سنائي، سنڌ ۾ بلاولي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيو.ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار جو نالو بہ مخدوم بلاول جي شاگردن ۾ اچي ٿو، جيڪو وقت جو وڏو صالح ۽ ڄاڻو شخص هو. سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو. مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم مٺو صديقي وڏو عبادت گذار ۽ متقي هو. حديث جي علم ۾ پنھنجي وقت جو يگانو هو. شرح اربعين، شرح ڪيداني ۽ ڪي ٻيا رسالا سندس قلمي ۽ علمي آثار آهن. سندس وفات همايون جي دربدريءَ واري زماني يعني 949ھہ/ 1542ع ڌاري ٿي ۽ مڪليءَ جي مٽيءَ ۾ مدفون آهي.