ٽلٽي پتڻ: ٽلٽي اڳاٽي وقت ۾ وڏو درياهي پتڻ هو. سمن جي دورِ حڪومت ۾ ٽلٽي واپاري شھر هو، ان ڪري آسپاس جو سڄو واپار هن درياهي پتڻ تان ٿيندو هو. شاھہ بيگ ارغون جي دور ۾ ٽلٽيءَ ۾ ٻہ جنگيون لڳيون. جنهن لاءِ شاھہ بيگ ارغون فوج وٺي ٻيڙين رستي ٽلٽي پتڻ تي پهتو هو.