ٽلٽي ڍنڍ

ٽلٽي ڍنڍ: ٽلٽي ڍنڍ هن ڍنڍ کي بخاري ڍنڍ بہ سڏيو ويندو آهي. جيڪو سنڌ جي امر ۽ لافاني ڪردار شھيد مخدوم بلاول جي استاد بزرگ ۽ عالم سيد نورحسن شاھہ بخاريءَ جي نالي سان مشھور آهي ۽ هن بزرگ جي مزار بہ اتر طرف ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي آهي. ڍنڍ ۾ وڏي تعداد ۾ پکين جي آمد ۽ مڇيءَ جي پيداوار ٿئي ٿي. ٽلٽي شھر مان هن ڍنڍ جا ڏکڻ طرف نظارا من کي موهيندڙ آهن. منڇر مان نڪرندڙ اڙل واھہ جنهن جو ڇوڙ سنڌو درياھہ ۾ ٿيندو آهي، هيءَ ڍنڍ ان جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي ۽ هاڻي سنڌوءَ ۽ منڇر تي بچاءُ بندن ٻڌجڻ کانپوءِ ڍنڍ جو اهو عروج نہ رهيو آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ هو.


لفظ ٽلٽي ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو