ٽمون کارو

ٽمون کارو: ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي ساماري ۾ هڪ ديھہ جو نالو. قديم دور ۾ وهندڙ ’ڍوري‘ جي ٻن پاسن کان، ساماري، عمرڪوٽ روڊ لڳ، ٻہ ديهون آهن: هڪ اولھہ طرف، ٻي اوڀر طرف. اوڀر طرف جي ديھہ ”ٽِمون مِٺو‘ سڏجي ٿي ۽ اولھہ طرف جي ديھہ ’ٽمون کارو‘ سڏجي ٿي. ٽمون ’کوھہ‘ کي چئبو آهي. چون ٿا تہ اڳي هتي گهڻا کوھہ هوندا هئا، جي اولھہ طرف هئا ۽ بيحد کارا هوندا هئا. ان ڪري هن ديھہ جو نالو ئي ’ٽمون کارو‘ پئجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو