ٽنبجڻ/ ڪچا ڦر ڪيرائڻ (Brucellosis ):هيءَ جانورن جي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي. جيڪا (بروسيلا امبارٽس) جيوڙي مان ٿيندي آهي. هن بيماريءَ ۾ مادي جانور حمل جي آخري مهينن ۾ ڪچو ڦر ڪيرائي ڇڏيندي آهي. سندس جنسي عضون ۾ سوزش ٿيندي آهي. هن بيماريءَ ۾ متاثر جانور سنڍ بہ ٿي ويندا آهن. هيءَ بيماري عورتن کي بہ متاثر ڪري سگهي ٿي. جيڪا بيمار جانورن جي کير پيئڻ يا ڄر (اور) کي هٿ لائڻ سان ٿي سگهي ٿي.
هن بيماريءَ جي نشانين ۾ ڳئون يا مينهن حمل جي ستين يا اٺين مهيني ۾ ڦر ڪيرائي ڇڏيندي آهي. جنهن کان پوءِ ڄر ۾ زهريلو مادو گڏ ٿي جانور کي سُنڍ ڪري ڇڏيندو آهي. جانور جي ٻچي دانيءَ ۽ سار ۾ سوزش ٿيندي آهي. سانھہ جي خصين تي سوڄ ۽ سنڌن تي سوڄ ٿيندي آهي ۽ اهو منڊڪائڻ لڳندو آهي. ان ڪري اهڙين حالتن ۾ ضروري ٿيو پوي تہ فارم ۾ سڀني جانورن جو معائنو ڪرايو وڃي، نئين خريد ڪيل جانور کي ٻئي مال کان ڌار ڪيو وڃي ۽ ڦر ڏيڻ کان پوءِ هڪ مهيني تائين ان کي ويايل جانور کان ڌار رکجي.
جيڪڏهن ڪابہ ڳئون يا مينهن ڦر اڇلائي ڇڏي تہ مئل ڦر ۽ ڄر وغيرہ کي ساڙي ڇڏجي ۽ انهيءَ جاءِ کي جيوڙا مار دوا سان ڌوئي صاف ڪجي ۽ اهڙي جانور جو کير اوٻاري استعمال ڪجي.