
ٽنڊوالهيار
ٽنڊوالهيار: هي سنڌ جو مشھور شھر ۽ ضلعو آهي. هي حيدرآباد کان 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، هتي ريلوي اسٽيشن بہ آهي. هن شھر کي فتح علي خان ٽالپر جي پٽ مير الهيار خان 1790ع ۾ آباد ڪيو، جنهن هتي ڪچين سرن جو هڪ قلعو بہ تعمير ڪرايو. هي شھر گهريلو هٿ جي هنرن ڪري پوريءَ سنڌ ۾ مشھور آهي. هتي ڇُر جي ڪم ۽ عاج مان مختلف شين ٺاهڻ جون ننڍيون صنعتون قائم آهن. ٻين صنعتن ۾ اٽو پيهڻ، چانورن ڇڙڻ، ڪپھہ ٽاڻڻ ۽ کنڊ ٺاهڻ جا ڪارخانا شامل آهن. هتان جي هڪ سخي مرد ۽ مخير سماج سڌارڪ حاجي صادق ميمڻ اوسي پاسي جي ڳوٺن جي غريبن جي ٻارن لاءِ هڪ اسڪول کوليو هو، جيڪو پوءِ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج بڻيو ۽ هن علائقي ۾ تعليم جي ڦهلاءَ جي ڏس ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهو ئي ايس. ايم. سائنس ڪاليج هن وقت هتي جو وڏو تعليمي ادارو آهي، جنهن جو پرنسپال علي حسن خاصخيلي صاحب آهي. ان کانسواءِ هتي ٻي گهڻي شھرت ”دارالعلوم“ هاءِ اسڪول ۽ مدرسي کي آهي. هي مشھور ديني ادارو مفتي محمد شفيع مرحوم قائم ڪيو هو. هتي جي آبادي لکن ۾ آهي. 1920ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي اسٽيشن کان اڳڀرو هلبو هو تہ ساڄي پاسي آباديءَ جا ٽڪر ۽ سرڪاري باغيچو ۽ ڏائي پاسي مقام ۽ ان جي اڳيان سرويئر جو بنگلو ۽ جج جي آفيس نظر ايندا هئا. اهوئي رستو وٺي تار ۽ ٽپال آفيس ۽ ميونسپل آفيسن وٽان لنگهي قلعي ڏانهن وڃبو هو. اهو قلعو ڪچو هو ۽ منجهس ڊپٽيءَ جو بنگلو، ڪارداري ۽ پوليس وارن جي رهڻ جون جايون هيون. اتي هڪ وڏو کوھہ هو، جنهن جي ڀر ۾ هڪ قبر تي ”ڊيوڊ ارونگ“ نالو اُڪريل هو ۽ وفات جي تاريخ ”پهرين آگسٽ 1843ع“ ڄاڻايل هئي. قلعي کان سڌو رستو بازار ڏانهن ويندو هو. بازار کي فرش بندي ۽ ڍڪيل ڇت هئي. شھر ۾ کٽي ۽ کهنباٽي گهڻا هئا. هتي عاج، ريشم ۽ ڇَر جو ڪم گهڻو هلندو هو.
هن شھر ۾ ٿورا آڳاٽا مندر آهن، جن مان مکيہ مندر رامديو پير جو آهي. مارواڙ (راجسٿان) جي رڻوجا شھر ۾ راجا اجمل جي گهر اوتار وٺندڙ رامديو پير جي پوڄا هتي گهڻي هلي ٿي. مندر ۾ سنگ مرمر جون هڪجهڙيون ٻہ مورتيون رکيل آهن، جن ۾ رامديو پير گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ چور زمين تي ڪِريل آهي، جنهن کي بڙڇيءَ سان ماريو اٿس. هتي هر سال بڊي مهيني ۾ رامديو جو ميلو لڳندو آهي ۽ پوري سنڌ کان هندو ياتري هتي اچي ڪٺا ٿيندا آهن. ڪيترائي ياتري مختلف شهرن مان ياتري ڇڙيون کڻي ايندا آهن ۽ اچي ڌڄائون چاڙهيندا آهن.
ٽنڊي الهيار ۾ ڪاليءَ جو مندر بہ آهي. مندر ۾ ڪاليءَ کي گلي ۾ رنڊ مالها يعني مردن جي کوپرين جي ڪنٺي پيل آهي. هڪ هٿ ۾ کٿو، ٻئي هٿ ۾ هڪ دئت جي سِسِي، ٽئين هٿ ۾ رت جو پيالو ۽ چوٿين هٿ ۾ ترشول اٿس. هتي آسپاس جا هندو ذاتين جا ماڻهو مخصوص ڪيل ڏينهن تي گڏ ٿي، جنن ڀوتن جو ڀوڳ ڪندا آهن. مندر ۾ هنومان جي مورتي بہ آهي؛ هن مندر کي ”خاڪچوڪ“ بہ سڏين.
ٽالپرن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ هي شھر وڏو واپاري مرڪز هو. حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ هتان شاهي سڙڪ هئي. حيدرآباد کان نئين ڦليليءَ وارو رستو وٺي ٽنڊي ڄام ۽ کيساني کان هتي اچبو هو. ٽنڊي الهيار ۾ ميمڻ، يوسفاڻي، بچاڻي، پاٽولي، ميرجت، جروار جا ماڻهو آباد آهن. هتان قومي ۽ صوبائي اسميبلين ۾ عبدالستار بچاڻي، محترمہ شمشاد بچاڻي، عبدالغني درس، لطيف مڱريو مختلف دورن ۾ چونڊجي ويندا رهيا آهن.
ٽنڊي الهيار پاسي بڪيرن جو ڳوٺ بہ تاريخي اهميت وارو آهي. اتي بڪيرائي سيدن جا آڳاٽا قبا آهن، جن مان پير فضل شاھہ ۽ ڀاني پوٽي جا قبا تمام جهونا آهن. اهو ڳوٺ قائم شاھہ قريشيءَ ٻڌايو هو، جنهن کي ساڍا ست سؤ کن ورهيہ ٿيندا.
تعلقي ٽنڊو الهيار نالي هڪ ديھہ بہ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ واقع آهن:
گل لکمير، حيدرخان جروار، مدد علي ٽالپر، بولڻ شاھہ، ولي داد خاصخيلي، ميرشاھہ محمد ٽالپر، ڀليڏنو شاھہ، ﷲ بخش ارباب، شڪارين جو ڳوٺ، مهاڻن جو ڳوٺ، سومرا ڪالوني، خواجہ ڪالوني، مدينه ڪالوني، ڪشميري ڪالوني، منصور ڪالوني، پٺاڻ ڪوريا ڪالوني، طالب الموليٰ ڪالوني، شھباز ڪالوني، مدينه ڪالوني-2، حاجي ابراهيم کٽي ڪالوني، مٺڻ شاھہ جو ڳوٺ، ڪنڀار ڪالوني ۽ فياض ڪالوني (مير منور علي).