ٽنڊو آغا

ٽنڊو آغا: آغا اسماعيل شاھہ ابن آغا براهيم شاھہ ابن سيد عبدالهادي شاھہ اصل اصفهان جو ويٺل هو، جتان سال 1150ھہ/ 1737ع ۾ لڏي هندوستان آيو ۽ مدراس جي هڪ راجا جو خاص شاهي حڪيم ٿي رهيو. ان وقت سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو هو، جنهن جي ان راجا سان دوستي هوندي هئي. ان جي چوڻ تي راجا، آغا سيد عبدالهادي کي ميان نور محمد ڏي موڪليو، جتي ميان ان جي تمام گهڻي تعظيم ڪئي. راجا جلدي مري ويو ۽ آغا عبدالهادي سنڌ ۾ رهجي ويو. سال 1193ھہ/1779ع ۾ آغا عبدالهادي وفات ڪئي. ان کانپوءِ ان جو پٽ آغا ابراهيم شاھہ بہ پنھنجي پيءَ جي جاءِ تي ڪلهوڙن وٽ ساڳي عزت سان سرفراز ڪيو ويو ۽ هو ڪلهوڙن جي طرفان خراسان ۽ ڪابل ۾ وڪيل ٿي ويندو هو. ڪلهوڙن شڪست کانپوءِ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا تہ آغا ابراهيم کي ساڳي عزت ملي ۽ سنڌ فتح ڪرڻ ۾ هن مير فتح علي خان کي گهڻي مدد ڏني هئي. ان جي وفات کان پوءِ آغا اسماعيل شاھہ بہ ٽالپرن وٽ وڏو رتبو حاصل ڪيو. حيدرآباد جي اڀرندي طرف ڦليلي جي ڪناري تي آغا اسماعيل شاھہ اچي آباد ٿيو، جنهن بعد ان پاڙي کي ٽنڊو آغا جو نالو ڏنو ويو، ٽنڊي آغا ۾ آغا اسماعيل کان پوءِ خيرپور جا مرزا پڻ مير حسن علي خان ٽالپر جي چوڻ تي آباد ٿيا. ٽنڊي آغا ۾ آغائي سيدن ۽ مرزائن جي آباد ٿيڻ بعد گهڻو پوءِ ٻين ذاتين جا ماڻهو بہ هتي اچي آباد ٿيا، جن ۾ سيد، ڏاهري، سيال ۽ مستري شامل آهن. هتي جي آبادي اڄ هزارن ۾ آهي.


لفظ ٽنڊو آغاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو