ٽنڊو باگو: ٽنڊو باگو ضلعي بدين جو هڪ وڏو شھر آهي، جيڪو شادي واھہ جي کاٻي پاسي واقع آهي. تلهار ۽ بدين هن جون ويجهيون ريلوي اسٽيشنون آهن. 18 صدي عيسويءَ ۾ ميرباگي خان ٽالپر هيءُ شھر آباد ڪيو ۽ پنھنجي نالي جي نسبت سان شھر جو نالو ”ٽنڊوباگو“ رکيائين. هتي چانورن ڇڙهڻ جا ڪارخانا آهن. تعليمي ادارن ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قابل ذڪر آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب هتي جي آبادي ٽن لکن جي لڳ ڀڳ هئي، جيڪا هاڻي يقيناً وڌي وئي هوندي. سخي مرد مير خان ٽالپر'>غلام محمد خان ٽالپر، هن شھر ۾ پنھنجي خرچ سان بوائز هاءِ اسڪول کولايو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلي رهيو آهي. مير صاحب جي خرچ سان 1921ع ۾ قائم ڪيل هڪ مدرسو بہ هلندڙ آهي. هن اسڪول ۽ مدرسي مان سوين اهڙا شاگرد پيدا ٿيا، جن تعليمي ۽ سماجي ڪمن ۾ وڏو حصو ورتو. مير غلام محمد 1932ع ۾ وفات ڪئي. ٽنڊي باگي جون مشهورڍنڍون ڦوسڻا، نوابن جي ڍنڍ، بند کوھہ، نهري، نئين، کِيرو وَل، ڦراهو، موٽِڻا، ننڍو نيرو، ڏوهِر، چرو وَرَ، ڍورو نيرو، اُنڙي ۽ مڇائو آهن.