ٽنڊو جان محمد

ٽنڊو جان محمد: ضلعي ميرپورخاص جو هڪ شهر، هن شھر جو نالو، شھر جي باني مير جان محمد خان ٽالپر جي نالي پٺيان، ٽنڊو جان محمد رکيل آهي. هي شھر ميرپورخاص کان 46 ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف آهي. هتي چانورن ڇڙهڻ، اٽي پيهڻ ۽ ڪپھہ ٽاڻڻ جا ڪارخانا آهن. هتي تعليمي ادارن ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول قابل ذڪر آهن، جيڪي مير خدا بخش خان ٽالپر جي جدوجھد ۽ قربانيءَ جا روشن يادگار آهن. هتان جي آبادي ويھہ هزارن کان مٿي آهي. هتي جو اُستاد خان ٽالپر'>غلام محمد خان ٽالپر ناميارو تعليم دان ۽ اديب آهي.


لفظ ٽنڊو جان محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو