ٽنڊو حافظ شاھہ: حافظ شاھہ'>ٽنڊو حافظ شاھہ ضلعي ٺٽي ۾ جهرڪ شھر جي ويجهو واقع آهي. مولانا علي محمد مهيريءَ جهڙو برگزيدو عالم پڻ هتان جي نامياري عالم مولانا محمد سليمان ٻنويءَ وٽ ”ٽنڊي حافظ شاھہ“ ۾ پڙهيو. هن علائقي جي هڪ خصوصيت اها بہ آهي تہ هتي تيل جو وڏو ذخيرو موجود آهي. حافظ شاھہ'>ٽنڊو حافظ شاھہ ۽ ان جي ڀر واري علائقي کي ”سال“ پڻ سڏيو وڃي ٿو.