ٽنڊو رحيم خان: ٽنڊو رحيم خان سنڌ جي سرحد تي هڪ ڳوٺ ۽ تعلقي جوهيءَ، ضلعي دادوءَ ۾ پوليس جو هڪ اهم ٿاڻو آهي. هن ٿاڻي جي اهميت ان ڪري بہ آهي، جو هيءُ ٿاڻو، بلوچستان صوبي جي ’ساروڻا ماٿريءَ‘ واري ضلعي ”جهالاوان“ جي مکيہ رستي تي آهي. هن ڳوٺ جي ڀر ۾ ٻہ پراڻا ماڳ آهن، جيڪي انگائي نئن جي ڪڙ تي، غازي شاھہ کان هڪ ميل اتر ڏِس تي آهن. ڳوٺ کان ڏکڻ اوڀر طرف هڪ دڙو آهي، جنهن جي اوچائي 10 فوٽ آهي. ان جي هڪ حصي تي مسلمانن جون قبرون آهن، باقي بچيل جاءِ، چٽيل ٺڪرين ۽ پٿرن سان چٽڪمري لڳي پئي آهي. هي دڙو غازي شاھہ کان ٽنڊي رحيم خان ويندڙ رستي تي موجود آهي. هن ماڳ جي کوٽائيءَ مان پٿرن مان ٺاهيل ڀتين جا ٽڪرا، ٽوٽا، چٽيل ٺڪريون، پٿرن جي اوزارن جا پاساڙا، مٽيءَ جون ڀڳل چوڙيون، پٿر جو وڏو ڇلو، ٺڪر جو ڀڳل ٿانءُ، جنهن جي اوچائي 13 انچ آهي، مليا آهن. ٽنڊي رحيم خان جا ٿانوَ، ڄاتل سڃاتل ٻہ رنگي ورن سان آهن، جن جا پاسا سڌا آهن؛ رنگ ڦڪو اٿن. مٿن هلڪي ڳاڙهي يا ڀوري رنگ جو پٽو، مٿان ڪاري يا ميٽائين رنگ جي چٽسالي ٿيل آهي، ڪيترن ٿانون تان اهو رنگ لھي ويو آهي. چٽ جو نمونو اهو آهي، جيڪو ٻين هنڌن تي بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيئن: ليڪُن سان هار جي طرز، جافريءَ جي ڄاريءَ سان يا رنگ سان ڀريل ڏيڏريون، چوڪڙيون، ڪونجون يا ڪرنگهيون، ڀريل ڇٻڙيون، جن جون ڪنڊون هيٺ جهڪيل آهن ۽ ماڪوڙا يا نانگ وَرَ ليڪون وغيرہ. سڀ کان دلچسپ هڪ گهڻ لِيڪي مانڌاڻي چٽ آهي، جنهن جي وچ تي ڇلو آهي. هن قسم جو وارن وارو چٽ بلوچستان جي ماڳن تان عام جام مليو آهي، پر ڳاڙهي مٿان ڪاري چٽساليءَ واري ٿانوَ تي اهڙو چٽ غازي شاھہ جي بلڪل هيٺئين تھہ مان لڌو آهي. اهم ڳالھہ اِها آهي تہ هتان سنڌوسڀيتا سان لاڳاپيل ٺڪر جو هڪ بہ ٿانءُ ڪونه لڌو ۽ نہ وري ڪا اهڙي شيءِ لڌي آهي، جنهن جو موهن جي دڙي جي ثقافت سان واسطو هجي.