ٽنڊو سائينداد: هيءُ ڳوٺ ضلعي ۽ تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ديھہ ”سيرڪي“ ۾ آباد آهي، جيڪو ٽنڊي محمد خان شھر کان 3 ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ کي 60- 1850ع ڌاري پير عبدالستار جان سرهنديءَ پنھنجي مريدن جي گهڻي اصرار تي آباد ڪيو. 1800ع ڌاري پير عبدالستار جان سرهنديءَ جا وڏا قنڌار کان لڏي اچي ٽکڙ ۾ رهيا هئا. هن ڳوٺ ۾ سرهندي پيرن مان گهڻائي طبيب، شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا.