ٽنڊو شير محمد

ٽنڊو شير محمد: ٽنڊو شير محمد هن وقت ميرپورخاص جو هڪ پاڙو بڻجي ويو آهي. جنهن کي هن وقت ”مير شير محمد ٽالپر جو پاڙو“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. هن ٽنڊي جو بنياد مير شير محمد ٽالپر 54-1853ع ۾ رکيو، انگريزن سنڌ تي قبضي بعد حيدرآباد پڪو قلعو پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو. وري بہ مير شير محمد کي قلعي ۾ سندس ئي رهائشگاھہ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي پر هن ان ڳالھہ کي عيب ۽ گهٽتائي سمجهندي پراڻي ميرپور ويجهو پنھنجي نالي سان هن ٽنڊي جو بنياد رکيو ۽ پاڻ بہ اتي ئي رهي پيو.


لفظ ٽنڊو شير محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو