ٽنڊو غلام علي

ٽنڊو غلام علي: ضلعي بدين جو هڪ شهر، جيڪو روڊن ذريعي ماتليءَ، بدين، ٽنڊي محمد خان ۽ گلاب لغاري ڳوٺ سان ڳنڍيل آهي. هن شھر کي مير غلام علي مالڪاڻيءَ، ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ آباد ڪيو. مير خان ٽالپر'>بندہ علي خان ٽالپر جي ڪاٽن مل، هتان جو سڀ کان وڏو صنعتي ادارو آهي. شھر جو انتظام ٽائون ڪميٽي هلائيندي آهي. هي شھر واپاري لحاظ کان وڌندڙ شھر آهي. سنڌ جو سابق وزيراعليٰ مير بندہ علي خان هن شھر جو رهاڪو هو، جنهن جي دور ۾ سنڌ ۾ جاگيرداري ائڪٽ جو بل پاس ٿيو. هن بل جي نفاذ سان خود مير بندہ علي خان جي هزارين ايڪڙ زمين سرڪار پنھنجي قبضي ۾ ورتي هئي.


لفظ ٽنڊو غلام عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو