ٽنڊو فتح
ٽنڊو فتح: هيءُ ٽنڊو ”ٽنڊو فتح“ جي نالي سان روهڙيءَ ويجهو درياهه ڪناري ڀرسان هڪ ديهه تي مبني علائقو آهي، جنهن تي فتح محمد غوريءَ جي نالي پويان اهو نالو پيو. فتح محمد غوري ٽالپر گهراڻي جي حڪمران مير علي مراد خان جو ملازم هو ۽ سندس ئي نالي پويان هن ديهه تي اهو نالو پيل آهي.