ٽنڊو قيصر: ضلعي حيدرآباد جو هڪ شهر، جيڪو روڊ ذريعي ٽنڊي ڄام سان مليل آهي. هن ڳوٺ جي آبادي تقريباً 20 هزارن کان مٿي آهي. هتي هڪ بوائز هاءِ اسڪول، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول، هڪ گرلس مڊل اسڪول، اسپتال، واٽر سپلاءِ جي سهوليت پڻ موجود آهن. امير قيصر نظاماڻيءَ ارڙهين صديءَ ۾ هن شھر کي آباد ڪيو هو. هن شھر ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست جو اهم ڪردار ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي پڻ پيدا ٿيو ۽ پنھنجي نظرين جو پرچار ڪيائين. هتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ ۽ نوجوان شاعر آسي زمينيءَ پاران قائم ڪيل لائبرري ”دانش گاھہ منصوريه“ نالي قائم آهي، جنهن جو هتي ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي. هتي جي اديبن ۾ آسي زميني، ڊاڪٽر علي نواز نظاماڻي، صوفي شوڪت، سڪندر ”ستايل“ مشھور آهن. هن ڳوٺ ۾ سال 51-1950ع ۾، قاضي عابد ۽ سندس ڀائرن هڪ ڪپھہ جي جننگ فئڪٽري لڳائي هئي، جنهن جو افتتاح مير غلام علي ٽالپر ڪيو هو. هيءَ فئڪٽري ڪجهہ وقت کان پوءِ بند ٿي وئي.
ٽنڊي قيصر نالي سان تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ديھہ بہ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ٽنڊو قيصر، جلال ماڇي، عبدالله، گل محمد، ڦتن ڌماچ، ٻڍو کور ۽ صالح خاصخيلي.