ٽنڊو مائي ماهڻ: ٽنڊي جھانيان جي ويجهو چانگ قبيلي جي هڪ دلير عورت ”مائي ماهڻ“ جي نالي سان هي ٽنڊو آباد آهي. هن جو اصل نالو ”مائڪان“ هو. جيڪو بلوچي لفظ آهي ۽ جنهن جي معنيٰ آهي ”چانڊوڪي“ يا ”چنڊ بيبي“. جيئن تہ ان زماني ۾ سنڌ ۾ فارسي زبان رائج هئي. تنهنڪري چون ٿا تہ هن عورت جو نالو ”مائي ماه تن “ مشھور هو، جيڪو بگڙجي مائي ماهڻ ٿي ويو. هن عورت جي والد جو نالو سردار دليل خان ۽ مڙس جو نالو سردار تاج محمد خان هو. هن جو اصل وطن بلوچستان هو. هن عورت جي هڪ ڌيءُ هئي، جيڪا مير مراد علي خان ٽالپر جي نڪاح ۾ آئي .