ٽنڊو محمد خان: هي شھر ٽنڊي محمد خان ضلعي جو هيڊڪوارٽر، مشھور شھر ۽ ديھہ آهي. هن ديھہ ۾ ’پير ڏنو ماڇي‘، ’جمعو پرهياڙ‘ ۽ ’هاشو‘ نالي سان ٽي ڳوٺ آباد آهن:
ٽنڊي محمد خان شھر جو باني، ميرمحمد خان ٽالپر هو، جيڪو ديھہ پٽ باران ۾ ديره جات جي علائقي ۾ رهندو هو. ڪلهوڙا دور تائين سڀ ٽالپر اُتي رهندا هئا. جڏهن مير فتح عليءَ جي حڪومت قائم ٿي تہ مير محمد خان کي هڪ وڏي جاگير ملي، جنهن جي ڪل پکيڙ اٽڪل ٽي لک ايڪڙ هئي. مير فتح علي خان جي حڪومت 1783ع ۾ قائم ٿيڻ ۽ جاگير ملڻ کان پوءِ ان جي نظرداريءَ لاءِ ميرصاحب کي وقت بہ وقت هتي اچڻو ٿي پيو ۽ ديره جات جي ڦِٽڻ کان پوءِ کيس هتي پنهنجو ڳوٺ ٻڌائڻ لاءِ هن جي نظر هن علائقي تي پئي، جتي هينئر ٽنڊومحمد خان آباد آهي. ”گونيءَ“ جي ڪپ تي هي شھر مير فتح علي خان جي حڪومت جي اٺن سالن کان پوءِ 1791ع ۾ آباد ٿيو. مير محمد خان ٽالپر، ٽنڊي محمد خان آباد ڪرائڻ کان 22 سال پوءِ، 13 آڪٽوبر 1812ع تي وفات ڪري ويو. سندس مقبرو ان وقت جي مشھور شھر فتح باغ ۾ آهي، جيڪو ماتليءَ جي ويجهو آهي. ڪنهن زماني ۾ موجودہ ٽنڊي محمد خان شھر جي وچ ۾ هڪ واھہ وهندو هو، جنهن جو نالو امام واھہ هو. ان واھہ تي ان وقت ٻنيون آباد ٿينديون هيون. هتي 1904ع ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿي اُن سال 15 آگسٽ تي پهرين ريل گاڏي هتي اچي بيٺي، جيڪا حيدرآباد کان بدين تائين هلڻ شروع ٿي هئي. 1859ع ۾ جڏهن ”سر هينري پاٽنجر“ هتي آيو هو، ان وقت مير سلطان علي خان هتي رهندو هو. هن شھر ۾ گهمڻ ۽ شڪار سانگي، انگريزن جي دور کان وٺي هيستائين ملڪ جا حڪمران ۽ وڏا سياستدان ايندا رهيا آهن، جھڙوڪ: سنڌ جا گورنر ڊائو گراهم ۽ موڊي، پنڊت جواهر لال نهرو، سروجني نائيڊو، بحرين جو شھزادو شيخ سليمان ۽ سندس والد الخليل، افغانستان جو بادشاھہ، چين جا سرڪاري وفد، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو (بحيثيت وزير خارجہ)، پرنس علي خان، پرنس ڪريم آغا خان، شهنشاھہ ايران ۽ ٻيا. ڦليليءَ جي ڪناري تي هئڻ ڪري، شھر جي خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آيو. هيءُ هڪ صنعتي شھر آهي. هتي چانورن ڇڙڻ، ڪپھہ ٽاڻڻ ۽ کنڊ جا ڪارخانا آهن. هتي فتح ٽيڪسٽائيل مل بہ آهي. هتي گرلس ۽ بوائز ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول آهن؛ چوپاين جانورن جا وڏا وڏا فارم آهن. هتي هڪ بزرگ نذر محمد شاھہ جو مقبرو آهي، جتي هر سال عرس ٿيندو آهي، جنهن جي خاص ڳالھہ شيدين جو ”مگرمان“ تي ناچ ڪرڻ آهي، جيڪو سندن پنھنجي اصلي وطن سان عقيدت جو اظهار آهي. ان ناچ کي ڪيترائي ماڻهو پري پري کان ڏسڻ ايندا آهن. هتي جي آبادي ٻن لکن اندر ٿيندي. شھر جي ويجهو ”ٻُڌ ڪن جا ٽَڪر“ آهن، جيڪي آثار قديمہ ۾ شمار ٿين ٿا. انهن کي ڏسڻ سان اندازو ٿو ٿئي تہ هتي هڪ پراڻو قلعو بہ هو، جنهن جا ڪجهہ آثار موجود ڏسجن ٿا. هن شھر ۾ ڪافين جو مشھور شاعر سيد اميد علي شاھہ (وفات 1868ع) بہ آرامي آهي. لاڙ جي بخاري سيدن جو واسطو بہ هن شھر سان آهي، جن مان محسن شاھہ بخاري، پيپلزپارٽيءَ جي دؤر ۾ وزير رهي چڪو آهي. مشھور درويش عبدالفتاح شاھہ پڻ هن ئي خاندان مان هو. رڙيءَ جا خواجہ سيٺيون هن شھر ۾ ڪثرت سان آباد آهن. مير غلام علي خان ٽالپر ۽ مير ﷲ بخش خان ٽالپر جو تعلق پڻ هن شھر سان هو. ان کانپوءِ مير خان ٽالپر'>اعجاز علي خان ٽالپر هتي جي مشھور شخصيت رهيو آهي. اجرڪون ٺاهڻ جو مشھور ڪاريگر مرحوم الھڏنو سومرو بہ ٽنڊي محمد خان جو رهاڪو هو. غلام مرتضيٰ شاھہ سنڌ جو مشھور ۽ معروف حڪيم بہ هتي مدفون آهي. اردو زبان جي مشھور سنڌي شاعر فضل محمد ”ماتم“ بہ زندگيءَ جا ڪجهہ ڏينهن هتي گذاريا. سندس پويان اڃا تائين هن شھر ۾ رهن ٿا. نقشبندي بزرگن ۽ عالمن جو گهر، ٽنڊو سائينداد، هتان ٽي ڪلوميٽر اترطرف آهي. هتي فوجي شگر مل بہ قائم آهي.